Friday , March 29 2024

”جي ڊي اي جو ايم ڪيو ايم سان ڪو به اتحاد ناھي“: اياز لطيف پليجو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار)  گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجو؛ جي ڊي پاران ايم ڪيو ايم سان ڪنهن به اتحاد ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته، ايم ڪيو ايم سان ڪو به اتحاد ناھي ٿيو، نه ئي وري اها پارٽي جي ڊي اي ۾ شامل آھي نه ئي ان سان اتحاد جي ڪا تجويز جي ڊي اي جي سپريم ڪائونسل جي ڪنھن به اجلاس آڏو ڪڏھن به پيش ٿي آھي.

جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجو پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي پنهنجي هڪ اسٽيٽس / پيغام ۾ چيو آهي ته، ” گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ڪا ھڪ پارٽي نه پر مختلف پارٽيز ۽ شخصيتن جو ڪرپشن مخالف اليڪٽورل الائنس آھي ۽ ان ۾ شامل ھر پارٽي ۽ اميدوار کي اھو حق حاصل آھي ته اھو جي ڊي اي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ مقامي سطح تي سندس سھولت، ووٽن ۽ مدد لاءِ قومي يا صوبائي تڪن تي ايندڙ ٽن ھفتن لاءِ ڪابه سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري“. اياز ليف پليجو چيو آهي ته، ” اھو حق فنڪشنل ليگ جيڪا جي ڊي اي جي سڀ کان وڏي پارٽي آھي، ان کي به حاصل آھي ته ايازلطيف پليجو کي به، ته ھو چاھي ته بنان ڪنھن اتحاد جي مرڪز جي منظوري جي سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ جي ڊي اي کان ٻاھر جي پارٽين ۽ اڳواڻن مان قادر مگسي سان ملي يا جلال محمود شاھ يا راشد محمود سومري يا اسد الله ڀٽي سان يا جي يو آءِ يا شھيد ڀٽو جي ليڊرز سان. هن چيو ته، اھو حق ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، نصرت سحر عباسي ۽ مرتضيٰ جتوئي کي به حاصل آھي ته ايندڙ ٽن چئن ھفتن لاءِ جيڪا چاھين مقامي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪن“.

جي ڊي جي جنرل سيڪريٽري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته، سيٽ ايڊجيسٽمينٽ لاءِ ” ساڳيو حق ڪراچي مان چونڊ وڙھندڙ عرفان الله مروت، سردار رحيم، علي گل ملاح ۽ سندن پارٽين جي مرڪزي ليڊرز ۽ ٻين کي به حاصل آھي. اھو ئي حق استعمال ڪندي جي ڊي اي ۾ نه ھئڻ باوجود سيد زين شاھ، علي نواز شاھ، شفيع محمد ڄاموٽ، نندلال مالھي، راحيلا مگسي جي ڊي اي جي مشاورتي اجلاسن ۾ شريڪ ٿين ٿا ۽ علي قاضي جي آڏو به ڪو جي ڊي اي اميدوار ناھي بيھاريو ويو“. فيس بڪ تي رکيل اسٽيٽس ۾ چيو ويو آهي ته، ”سمجھڻ گھرجي ته جيڪڏھن ڪوبه جي ڊي اي اڳواڻ يا مقامي اميدوار ڪنھن به تڪ تي ڪابه مقامي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري ٿو ته اھو ان جو يا سندس پارٽي جو انفرادي فيصلو آھي، ان ۾ جي ڊي اي جو بحيثيت ھڪ اتحاد جي ڪوبه عمل دخل ناھي“. اياز لطيف پليجو جو چوڻ آهي ته، ” هن وڌيڪ چيو ته ڏسڻ ۾ اھو به اچي پيو ته پيپلزپارٽي پاران ماھوار پگھار تي رکيل 17 رڪني پروپيگنڊا اسڪواڊ بلاول ھائوس جي حڪم تي روز جي ڊي اي خلاف ڪا نه ڪا سازش تيار ڪري ماڻھن جو ڌيان عوام جي پيپلز پارٽي مخالف وڌندڙ طوفان تان ھٽائڻ چاھي ٿو“.

اياز لطيف پلجي موجوب ” پيپلزپارٽي وٽ ھن وقت سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ ھڪ ذاتي ملڪيت ۽ ارب پتي وسيلن وارو ٽي وي چينل، ھڪ لانچ ڪيل ارب پتي اخبار، مري صاحبه، سومرو صاحب، جمالي صاحب، زرداري صاحب ۽ شاهه صاحب جي لاجواب قيادت ۾ سوين ڪمپيوٽرز ۽ ھولوگرام لوازمات سان قائم مرڪزي سوشل ميڊيا سينٽر ۽ ان جو سمورو عملو، سوين گاڏيون ۽ سوين ليکڪن جو لشڪر موجود آھي. ان لشڪر جي ڪراچي، حيدرآباد ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل ظاھري توڙي ڳجھن نمائندن کي ڪروڙين رپين جون پگھارون بلاول ھائوس، گھوڙا ٻاري ۽ قاسم آباد جي پي پي ھيڊ ڪواٽرز مان ھر ھفتي آن لائين ۽ لفافن ذريعي ملن ٿيون. انھن جو ڪم آھي ته بظاھر ھڪ ايڪڙ ٻيڪڙ روايتي مٺي مٺي تنقيد پيپلزپارٽي تي ڪري پوءِ مسلسل ۽ روز سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي آڏو غيرتمند سنڌي قوم جي ٿيندڙ سخت مزاحمت تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ اياز لطيف پليجو، جي ڊي اي ۽ قومپرستن کان ڪڏھن گھوٽڪي ته ڪڏھن ٿر ته ڪڏھن ڪراچي جي اليڪشن بابت ھڪ نئون سوال پڇي، نئون حملو ڪري، سادن ۽ اٻوجھه ماڻھن ۾ وسوسا ۽ مونجھارا پيدا ڪري، زرداري، فريال ۽ بلاول جو دفاع ڪجي“.

جي ڊي جي جنرل سيڪريٽري وضاحت ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، ”چوندا آھن ته ڏاڍي آڏو اٿارينس ته اٿي نه، ھيڻي تان ويھارينس ته ويھي نه. سو اھا پروپيگنڊا اسڪواڊ ۽ ان جا ياري باشي ۽ دعوتن تي ھلندڙ ۽ روزانه بنيادن تي پبلسٽي ۽ توجه جا خواھشمند دوست ڏھن سالن کان سنڌ لٽيندڙ ايم پي ايز، ايم اين ايز، وزيرن، ناظمن، ڪامورن ۽ سينيٽرز کان ڪرپشن بابت سوال پڇڻ، اربين رپين جي ڦرلٽ جا انگ اکر ظاھر ڪرڻ، تباھ ٿيل اسڪولن، اسپتالن، روڊن ۽ زراعت تي لکڻ بدران روز ڪنھن سادي ڳوٺاڻي يا مڊل ڪلاس اميدوار کي مائيڪ آڏو پڪڙي انجي ۽ سنڌ جي سادگي جي توھين پيا ڪن، انھن ونگاري دوستن ڪڏھين ڪشمير ڪاميٽي جي ميمبر پيپلزپارٽي اڳواڻن جا لاجواب انٽرويو ٻڌا ۽ شيئر ڪيا آھن“. ” انھن کان گھر وڃي ڪو سوال ڪيو آھي؟ هن وڌيڪ چيو ته اھا پروپيگنڊا اسڪواڊ ۽ ان جا حمايتي بلاول زرداري جي ريلين واري جمھوري حق جي تحفظ لاءِ ته فورن ڌام ڌوم سان مرڻ مارڻ لاءِ ميدان ۾ لھن ٿا، پر جڏھن عمران خان ۽ مريم نواز جي آڏو يا سندن گھر تي ڪا ھجوم پاران غير مناسب مزاحمت ٿئي ٿي يا ارباب غلام رحيم تي اسيمبلي اندر حملو ٿئي ٿو، يا نصرت سحر عباسي، ماروي راشدي سان اسيمبلي فلور تان توھين آميز رويو ٿئي ٿو، يا نواز شريف سان 1991 ۾ سرڪٽ ھائوس حيدرآباد ۾ ملاقات تي پ پ پاران محترم رسول بخش پليجو صاحب جي نسيم نگر واري گھر تي ۽ 2013 ۾ پرنس ٽائون گھر تي حملو ٿئي ٿو، يا پيپلزپارٽي جا وزير اسيمبلي ۾ سورھيه بادشاھ ۽ جي ايم سيد صاحب خلاف غير پارلياماني ٻولي ڳالھائين ٿا، يا استادن ۽ ھيلٿ ورڪرز ڀينرن کي ڪراچي ۾ تشدد ڪري، ڪپڙا ڦاڙي زمين تي گھليو وڃي ٿو ته انساني حقن، جمھوريت، برداشت، رواداري، لبرل ازم ۽ ھم آھنگي جا داستان ٻڌائيندڙ پيپلن جا حامي انڊر گرائونڊ ٿيو وڃن“.

هن وڌيڪ چيو ته ان پيپلز پارٽي جي پروپيگنڊا اسڪواڊ جو آرٽ اھو آھي ته ان جي گھيري يا سحر ۾ ايندڙ ماڻھو، بقول پروپيگنڊا جي عالمي جرمن ماھر گوئبلز جي اھو سمجھڻ شروع ڪريو ڏين ته اسين ٻين ھٿان استعمال نه پيا ٿيون پر اھي خيال اسان جا پنھنجا آھن. انھن کي اھو به وسريو وڃي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪري وزارتون ڪنھن ڏنيون؟ نائين زيرو تي بار بار حاضريون ڪير ڏيندا رھيا؟ ھنن کي وسريو وڃي ته گذريل ڏھن سالن ۾ به اٺ سال پ پ ۽ ايم ڪيو اتحادي رھيا ۽ ھاڻ به زرداري پاران رحمٰن ملڪ، نثار کھڙو، انور مجيد ۽ عاصم تازو الطاف سان ملي آيا آھن ۽ انھن جي خواھش تي ئي الطاف بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آھي ته جيئن زرداري کي ڪراچي جون سيٽون ڏيارجن.

اھي پروپيگنڊا مھم جو نشانون بڻجندڙ شل ڪجهه گھڙين لاءِ اھو ياد ڪن ته زرداري ۽ الطاف جي اتحاد ۽ مشترڪه فيصلي تحط ئي 2012 ۾ سنڌ ۽ ملڪ دشمن ورھاڱي وارو ٻٽو نظام آندو ويو ھو، جنھن کي جي ڊي اي ۾ شامل پارٽيز گڏجي رد ڪرايو، شل اھو به ياد ھجين ته ريڊ زون ۾ سنڌ جي ورھاڱي جا جلوس پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ سندس رضامندي سان نڪتا ھئا ۽ انھن آڏو ديوار اياز لطيف پليجو ۽ سندس ساٿي بڻيا ھئا ۽ تازي صورتحال تي به شل نظر رکن ته فقط چند مھينا اڳ الطاف حسين جي مدد سان سعيد غني ڪراچي ۾ ضمني چونڊ کٽي آھي ۽ ھن وقت به سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اتحادي آھن. ان ڪري ضرورت آھي ته سنڌ جا ساڃاھ وند ۽ باشعور ماڻھو سمجھي ڇڏين ته اياز لطيف پليجي، نصرت سحر عباسي، ذوالفقار مرزا، ماھتاب راشدي ۽ سندن ٻين ڪروڙين ساٿي سنڌ واسين جو اھو عزم آھي ته جيڪو سنڌ ڦريندو اھو شڪست کائيندو ۽ جيڪو سنڌ ورھائيندو اھو پادر کائيندو. سنڌي اھو ڏسي به ڇڏيو آھي ته ھفتو اڳ جڏھن انتھا پسندن پاران جي ڊي اي ٽڪيٽ وٺڻ جي ڪوشش ٿي ته سندن ڀاءُ ايازلطيف پليجو ان عمل کي ڪيئن روڪيو.“ ” وقت اچي ويو آھي ته پييپلزپارٽي جي پروپيگنڊا اسڪواڊ جي سازشن کي پڙھيل لکيل سنڌ واسي چڱي طرح سمجھن ۽ ايندڙ ٽي ھفتا سنڌ جي زندگي ۽ موت جي ھن جنگ ۾ ٻيا سڀ ڪم ڪار، بحث مباحثا، تبرا، ھٿرادو پيدا ڪيل مونجھارا ۽ ٽڪراءُ ڇڏي فقط ھڪ مقصد ۽ ھڪ ٽارگيٽ آڏو رکن ته ڪنھن به حالت ۾، ڪنھن به قيمت تي گذريل ڏھن سالن جي ظلم، ناانصافي، تباھي، بربادي، غربت، بيوسي، ڦرلٽ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ زراعت، تعليم، انفرا اسٽرڪچر ۽ گورننس جي تباھي جو جمھوري انتقام وٺڻو آھي ۽ ڪرپشن کي دفن ڪري ڇڏڻو آھي“. (اياز لطيف پليجو جي فيس بڪ وال تان کنيل)

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *