Thursday , March 28 2024

جي ڊي اي اڳواڻ صدرالدين شاهه جي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات،اليڪشن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻن سيد صدرالدين شاهه جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان (بهادر آباد گروپ) جي اڳواڻن سان بهادر آباد پهچي ملاقات ڪئي، ملاقات دوران الڪيشن کانپوءِ به اتحاد ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ماضي ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڄام صادق علي، ارباب رحيم ۽ آصف زرداري به حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايم ڪيو سان اتحاد ڪندا رهيا آهن.

سنڌ ۾ ف ليگ جي سربراهه پير پاڳارو جي سربراهي ۾ قائم پ پ مخالف اتحاد سنڌ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير سيد صدرالدين شاهه اتحاد جي ٻين اڳواڻن سان گڏجي اڱاري ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان(بهادر آباد گروپ) جي بهادر آباد واري مرڪز تي پهتو. صدر الدين شاهه جي پهچڻ تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سند ڀرپور آجيان ڪئي. صدرا لدين شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان(بهادر آباد گروپ) جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي ۽ عامر خان سان ملاقات ڪئي.

۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ سنڌ اندر پيپلز پارٽي کي شڪست ڏيڻ لاءِ سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ڳالهين دوران صدرالدين شاهه سان گڏ سردار عبدالرحيم ۽ نند ڪمار ۾ شامل ايم ڪيو ايم پاران سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، فيصل سبزواري ۽ اسلم ڀٽو به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.ٻنهي پارٽين ملڪي سياسي صورتحال، عام چونڊن ۽ سياسي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي عام چونڊن ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ تي اتفاق ڪندي فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ پ پ پ خلاف جتي ضرورت پئي هڪٻئي جي حمايت ڪنداسين.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي فنڪشنل ليگ جي ذريعن کان اها به ڄاڻ ملي آهي ته، صدرالدين شاهه، ايم ڪيو اڳواڻن سان اليڪشن دوران ميرپور خان،سانگهڙ ۽ سکر جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي مختلف تڪن تي سيٽ ايڊجيسٽمينٽ بابت ڳالهيون ڪيون.  ذريعن موجب انهي معاملي تي خالد مقبول صديقي صدرالدين شاهه راشدي کي پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان صلاح مشوري بعد ڪو جواب ڏيڻ لاءِ چيو.

ماضي ۾ نواز، آصف زرداري، ڄام صادق ۽ ارباب رحيم به اقتدار لاءِ ايم ڪيو سان ٺاهه ڪندا رهيا آهن

ايم ڪيو ايم جي قائم ٿيڻ ۽ حڪومتون قائم ٿيڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ فنڪشنل مسلم ليگ هر دور ۾ ايم ايم ڪيو سان اتحاد ڪنديون رهيون آهن.  اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، پ پ جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڄام صادق علي، اڳوڻوڳ وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه سميت سمورين سياسي پارٽين جا سربراهه يا وري سندن مک قيادت ايم ڪيو ايم جي تڏهوڪي مرڪز نائين زيرو ۽ متحده قائد سان لنڊن ۾ ملاقاتون ڪندا رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *