Thursday , April 18 2024

جي يو آءِ (س) گروپ جو سربراهه ۽ طالبان جو باني سمجهيو ويندڙ مولانا سميع الحق گهر اندر بيدردي سان قتل

راولپنڊي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) جميعت العلماءَ اسلام (سميع الحق گروپ) جي سربراهه، سياسي، مذهبي شخصيت ۽ طالبان جي باني سمجهيو ويندڙ مولانا سميع الحق کي اڻڄاتل ماڻهن سندس ئي گهر اندر ڇرين جا وار ڪندي بيدردي سان شهيد ڪرڻ بعد آساني سان ڀڃي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، وزيرعظم، صدر، آرمي چيف پاران سميع الحق جي بي رحماڻي قتل تي افسوس جو اظهار، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته، قوم مخلص ۽ محب وطن عالم دين کان محروم ٿي وئي آهي، جي يو آءِ جا ڪارڪن پرامن رهي صبر کان ڪم وٺن، سميع الحق جو مڙهه ڇنڇر تي اڪوڙه خٽڪ ۾ دفنايو ويندو.

تفصيلي رپورٽ مطابق، ناليوارو مذهبي عالم ۽ جي يو آءِ (سميع الحق گروپ) جو سربراهه  مولانا سميع الحق راولپنڊي ۾ اڻڄاتل جوابدارن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي.مولانا سميع الحق جي پٽ مولانا  حامد الحق فون تي ميڊيا مختلف نجي ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، مولانا گهر ۾ آرام ڪري رهيو هو ته مٿس حملو ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته مولانا جو ملازم ۽ ڊرائيور گهر کان ٻاهر ويا ته مٿس حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو شديد زخمي ٿي پيو. سميع الحق جي پٽ ٻڌايو ته، مولانا سميع الحق کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. مولانا سميع الحق راولپنڊي ۾ هڪ خانگي سوسائٽي جي گهر ۾ رهندڙ هو. مولانا سميع الحق جي شهادت جي تصديق سڀ کان پهريان جي يو آءِ سمعالحق گروپ جي پشاور جي اڳواڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ،مولانا صاحب شهيد ٿي ويو آهي. مولانا سميع الحق اڪوڙا خٽڪ ۾ پئدا ٿيو ۽ هن دارالعلوم حقانيا اڪوڙا خٽڪ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان دارالعلوم حقانيا جو سربراهه هو. شهادت وقت مولانا سميع الحق جي عمر 80 سال هئي. ان سلسلي ۾ ذرعين جو چوڻ آحي ته، جنهن گهر اندر مولانا سميع الحق کي شهيد ڪيو ويو آهي، اُهو گهر گهريا ٽائون راولپندي ۾ ايئر پورٽ ٿاڻي واري علائقي ۾ واقع آهي، پر ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪا به تصديق شده خبر نه آئي آهي ته اهو گهر ڪهڙي نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *