Friday , March 29 2024

جي آءِ ٽي ۾ ميان نواز شريف جي پيشي ءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ – مسلم ميراڻي

Muslim

وزير اعظم ميان نوازشريف کي (جي آءِ  ٽيءَ) سمن جاري ڪري پيش ٿيڻ جي لاءِ چيو آهي ته اهو سمورن ثبوتن سان گڏ کڻي (جي آءِ ٽي) جي سامهون پيش ٿئي. ان سمن جي جاري ٿيڻ کانپوءِ پوري اسلام آباد ۽ راولپندي ۾ وزير اعظم  جي شان ۾ بينر لڳي ويا ۽ جوڊيشل اڪيڊمي واري روڊ رستن کي سينگاريو پيو وڃي اڃي لڳي رهيو آهي ته  ڃڻ پاڪستان ۾ ڪوعرب شهزادو اچي رهيو آهي. ٻئي طرف ليگي اڳواڻ ۽ ڪارڪن خون ۽ جان ڏيڻ جي مڪمل تيارن ۾ آهن. پر اهي اهي به خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ميان نواز شريف ڪارڪن کي آجيان ڪرڻ کان روڪيو آهي ۽ چيو آهي ته توهان رڳو دعا ڪريو آهن. جيڪڏهن (ن) ليگي اڳواڻن وزيرن جون پريس ڪانفرسون ۽ بيان ڏٺا وڃن ته انهن ڪا ڪثر ناهي ڇڏي پاناما جي جوڙيل (جي آءِ ٽيءَ) تي تنقيد جي ليگي اڳواڻن  جي آءِ ٽي جي ميمبرن کي مشهور انگريزي فلم جي ڪردار 007 جيمس باند جي خطاب ن پڻ ڏنو ويو آهي ۽ گڏوگڏ جي آءِ ٽي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري چڪا آهن. ايتري قدر ته پنجاب جي وزير قانون رانا ثناالله تنقيد ڪندي چيو آهي ته لڳي رهيو آهي ته اها( جي آءِ ٽي) شريف خاندان تي پي ايڇ ڊي ڪري رهي ۽ ان (جي آءِ  ٽي) کي گهرجي ته اها ميان شهباز شريف کي گهرائي پهنجي سوالن جي جوابن جي لاءِ ڇو جو ان شريف خاندان تي ڪتاب لکيو آهي.

هن وقت ملڪ ۾گهڻا تجزيا ڪار ميان نواز شريف جي حق ۾ قصيدا چئي آهن ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزير اعظم ماتحت ادارن آڏو پيش ٿي رهيو آهي. شايد اهي ماڻهون ملڪ جي تاريخ کي وساري ويٺا هجن جڏهن ملڪ جي منتخب وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي عدالتن ۾ انصاف جي لاءِ پيش ٿيندي به سولي چڙهي ويو ۽ ان جي ڌيءَ محترمه بينطير ڀٽو نواز ليگ جي احتساب عدالتن ۽ پيش ٿيندي رهي ۽ اها پڻ ڳالهه ريڪارڊ تي آهي ته جڏهن هاڻوڪي وزيراعظم نواز شريف محترمه بينظير ڀٽو جي خلاف ڪرپشن جي الزامن جي جاچ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي حوالي ڪئي هئي ۽ ليگي اڳواڻ برجيس طاهر کي ان اڪائونٽس ڪميٽي جي سب ڪميٽي جو سربراهه ڪيو ويوهيو ۽ جڏهن ته  فريد الله جمالي ۽ جمشيد علي شاهه انهي سب ڪميٽي جا ميمبر هئا. ان وقت ان سب ڪميٽي محترمه بينظير ڀٽو کي سمن جاري ڪري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ بيان رڪارڊ ڪرڻ جو چيو ۽ محترمه بينظير ڀٽوشهيد پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو. ان وقت محترمه بينظير ڀٽو جي بيان وٺڻ جي موقعي تي حڪومت ميڊيا کي گھرائڻ جا سمورا بندوبست ڪيا هيا ته جيئڻ احتساب جي نالي تي بينظير ڀٽو کي بدنام ڪري  تماشو لڳائيو وڃي. ان کانپوءِ  اهو ساڳيو ئي ميان نواز شريف آهي جيڪو پي پي پي جي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي خلاف ڪارو ڪوٽ پائي سپريم ڪورٽ پهتو هيو ۽ ان وقت اهي خطاب ڪري رهيو هيو ته گيلاني صاحب جيستائين تحقيق جاري رهي تون استعيفيٰ ڏئي گهر وڃ پر پاڻ نه ئي گهر وڃي رهيو آهي نه ئي اهو مڃي رهيا آهي ته انهن ڪجهه غلط ڪيو ويو آهي.

Nawaz Sharif PM 1

جيڪڏهن (جي آءِ  ٽي) جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست کي ڏٺو وڃي ته انهن چيو آهي ملڪي ادارا انهن سان تعاون نه ڪري رهيا آهن ۽ ريڪارڊ ۾ تبديل ڪري هير ڦير ڪري رهيا آهن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ پاناما جي جوڙيل (جي آءِ ٽي) ٻڌايو پڻ آهي ته انهن تي ڌٻاءَ وڌو پيو وڃي. پاڪستان جي سياسي تاريخ کي ڏٺو وڃي ته هتي ڏاڍو گابو آهي ۽ تاريخ جا ورق ڀريل آهن اثر رسوخ جي استعمال ڪري پهنجي حق ۾ فيصلي وٺڻ جا ۽ ڪڏهن اهو به وقت هيو جڏهن ميان شهباز شريف ججزن کي فون تي فيصلا لکرايندو هيو ۽ اهو به اسان جي سياسي تاريخ جو ماضي آهي ته (ن) ليگ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو پر ان کي ڪجهه به ٿيو ۽ اهو سوال اٿڻ شروع ٿي ويو ته لاهور ۽ لاڙڪاڻي جو وزير اعظم جي لاءِ انصاف ڇو الڳ الڳ آهي؟ هاڻي به گهڻن تجزيا ڪارن جو خيال آهي ته (جي آءِ ٽي) جي رپورٽ جيڪڏهن (ن) ليگ جي خلاف ايندي ته ن ليگ ان کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندي. ڇو جو انهن اڳم ئي چئي ڇڏيو آهي ته انهن کي انصاف عوام جي عدالت مان ئي ملندو.  باقي (ن) ليگ جي ووٽ بينڪ ۽ اثر رسوخ کي( جي آءِ ٽيءَ) جي رپورٽ سان ڪو وڏو نقصان پهچائڻ  ڏاڍو مشڪل لڳي رهيو آهي؛ ڇو جو اڃا تائين نواز ليگ جون پاڙون اسلام آباد ، راولپنڊيءَ ۽ پنجاب ۾ مظبوط آهن ۽ ان جي ووٽرن کي ڪو به فرق نه ٿو پوي ته شريف ڀائر ڪيترا شريف يا ڪرپٽ آهن. ڇو جو هتي ووٽ ذات ۽ برادري جي بنياد تي ملندو آهي. ڏٺو وڃي ته اها ساڳي ئي اسلام آباد، راولپندي ۽ پنجاب آهي جتي سياري ۽ اونهاري ۾ پي پي پي جڪومت جي خلاف گئس ۽ بجلي نه هجڻ جي ڪري هر روز جلسا ۽ جلوس نڪرندا هيا. هاڻي به اهو ساڳيوئي اسلام آباد راولپندي ۽ پنجاب آهي، نه گئس آهي، نه بجلي، نه ئي روزگار، ان جي باوجود مجال آهي ڪنهن جي جو هن  نواز حڪومت جي خلاف  ڪنهن آواز اٿاريو هجي يا وري  ڪنهن جھرڪي ماري هجي. ان مان صاف ظاهر آهي ته پاناما ڪيس  جو نتيجو نواز ليگ جي خلاف اچي يا حق ۾ هتي نواز ليگ جو قلعو اڃا تائين مضبوط آهي. جيڪڏهن ماضي کي ڏٺو وڃي ته حديبا پيپر ملز، اصغر خان ڪيس، موٽرويز، پيلي ٽيڪسي اسڪيم ۽ قرض لاهيو ملڪ سنواريو وارا ڪيترا ئي ليڪس نواز ليگ جي ماضيءَ ۾دفن آهن

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *