Saturday , April 20 2024

جي آءِ ٽي عدالت جوڙي ان کي ڌمڪيون نهال هاشمي نه پر حڪومت ڏئي پئي، ڪنهن جي ٻچن کي ڌمڪيون مافيائون ڏينديون آهن: سپريم ڪورٽ

panama banch judges01

سپريم ڪورٽ  نهال هاشمي جي بيان تي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي  ته نهال هاشمي نه پر حڪومت اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، ائين ته آمريت جي دور ۾ به نه ٿيو، اسان ڀوڳيو پر اسان جي ٻچن کي ڌمڪيون  نه مليون، ڌمڪيون گينگ مافيا يا دهشتگرد ڏيندا آهن، حڪومت کي مبارڪ هجي انهن سان گڏجي وئي آهي، ڪابينا وزير، ترجمان ۽ حڪومت جا ماڻهو عدليا ۽ جي آءِ ٽي جي خلاف منظم مهم هلائي رهيا آهن. پاناما ليڪس فيصلي تي عملدرآمد بابت جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ 3 رڪني خصوصي بئنچ نهال هاشمي جي تقرير واري پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي اٽارني جنرل  ۽ نهال هاشمي پيش ٿيا. بئنچ جي سربراهه جسٽس اعجاز افضل اٽارني جنرل کي چيو ته مسٽر اٽارني جنرل ڏسي وٺو اوهان جي چئو طرف ڇا ٿي رهيو آهي، عدالت ۽ جي آئي ٽي جي حوالي سان ڪافي شيون وڌائي چڙهائي پيش ڪيون پيون وڃن، اسان هر شي کي ڏسي رهيا آهيون، اسان کي فيصلن جي نتيجن جي پرواهه ناهي، جيڪو به ٿئي اهو ٿي وڃي پر اسان هن اداري جي وقار جي لاءِ ڪجھ به ڪري سگهون ٿا.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته اسان ڊڄي وينداسين ته اهو غلط آهي، رجسٽرار جي حوالي سان جسٽس اعجاز افضل وضاحت ڪئي ته سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار جڏهن به ڪو ڪم ڪندو آهي ته اهو عدالت جي لاءِ ڪري ٿو، جوائنٽ انوسٽيگيشن ٽيم جا ماڻهو اسان نامزد ڪيا، اسان چونڊيا آهن، اسان رجسٽرار کي ٻڌايو هو ته هي ماڻهو اسان نامزد ڪيا آهن، اسان جاچ ٽيم جي ماڻهن بابت پهرين پڇاڳاڇا ڪئي، انهي جي خبر ورتي اهو ڏٺوسين ته ڪير شفاف جاچ ڪري سگهي ٿو، انهي تي اٽارني جنرل چيو ته اها ڳالهه توهان اڳ ۾ عدالت ۾ چئي چڪا آهيو، جسٽس اعجاز افضل چيو ته اوهان کي اها شي ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته عدالت کي ڪرڻو ڇا آهي؟ اسان فرشتا ناهيون انسان آهيون، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته جيڪو ڪجھ اسان ڪريون اهو قانون موجب، شفاف ۽  انصاف موجب هجي، عدالت کي بي توقير ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين جيڪو ڪندو انهي جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته اهو سڀ ڪجھ اوهان جي حڪومت ڪري رهي آهي، فوجي آمريت ۾ به اسان جي ٻارن يا خاندان کي ڌمڪيون نه ڏنيون ويون، ٽي نومبر جو واقعو اسان سڀني ڀوڳيو اسان جي خلاف جيڪو ڪجھ ٿيو  اسان برداشت ڪيو پر اسان کي ٻارن جي ڌمڪي نه ڏني وئي، پر اوهان جي حڪومت ۾ اسان جي ٻچن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اهڙي ڌمڪين تي فوجداري ڪيس ٺهي ٿو، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اسان پوئتي هٽي وڃون؟ نهال هاشمي حڪومت جو سينيٽر ۽ سنڌ پارٽي جو اهم عهديدار آهي، 2 ڏينهن اڳ سندس بيان آيو، انهي تي حڪومت جو رد عمل نه آيو بعد ۾ جڏهن حڪومت سمجهيو ته هاڻ سپريم ڪورٽ معاملو ڏسندي پوءِ راءِ ڏني وئي، جسٽس عظمت چيو ته ٻارن جي حوالي سان ڌمڪيون ڪير ڏيندو آهي، انهي تي اٽارني جنرل چيو ته اهڙيون ڌمڪيون بزدل ئي ڏيندو آهي، جسٽس عظمت چيو ته بزدل ڏيندو آهي پر ججن کي اهڙيون ڌمڪيون  گينگ سان تعلق رکندڙ، مافياز ۽ دهشتگرد ڏيندا آهن، اسان جي ملڪ جي اها روايت ئي نه رهي آهي، جو ڪنهن جي ٻارن کي ڌمڪي ڏني وڃي، اڳ ۾ پاڪستان ۾ ججن کي دهشتگرد اهڙيون ڌمڪيون ڏيندا هئا، هاڻ اوهان کي مبارڪ هجي جو هاڻ اوهان به انهن دهشتگردن سان گڏجي ويا آهيو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هي اڪيلو ڪئين آهي؟ ڪابينا جا ميمبر، حڪومت جا ترجمان ۽ پاڻمرادو نامزد ٿيل حڪومتي ماڻهو جي آئي ٽي ۽ عدليا جي خلاف هڪ منظم مهم هلائي رهيا آهن، اها مهم ڪيترن ڏينهن کان جاري آهي. اٽارني جنرل چيو ته حڪومت طرفان ڪنهن قسم جي ڪا ڌمڪي نه ڏني وئي آهي.جسٽس عظمت چيو ته اسان کي مطمئن ڪرڻو پوندو، اسان ڪئين مڃي وٺون ته نهال هاشمي  جي پويان ڪير نه هو؟ جسٽس اعجاز افضل نهال هاشمي کي چيو ته اوهان کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيون ٿا اوهان پنهنجو جواب ڏجو، نهال هاشمي چيو ته خدا جو قسم کڻي چوان ٿو انهي ڏينهن روزي ۾ هئس. جسٽس عظمت سعيد چيو ته هاشمي صاحب روزو اسان به رکون ٿا، بدترين دشمن به ٻارن کي ڌمڪيون نه ڏيندو آهي، اسان جي ٻارن کي ڌمڪيون پيون ڏنيون وڃن،عدالت چيو ته اوهان شوڪاز جو جواب ڏيو انهي جي ڀيٽ اوهان جي وڊيو بيان سان ڪئي ويندي. ان بعد عدالت سومر تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي اٽارني جنرل کي چيو آهي ته هو توهين  عدالت ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر طور ڪم ڪندو.عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي نهال هاشمي چيو ته ڪلمو پڙهي چوان ٿو ته هن ڪنهن اداري کي ڪا ڌمڪي نه ڏني آهي، هن هڪ خاص ذهنيت جي خلاف ڳالهايو آهي، اهو هڪ سوئيپنگ بيان هو، آئون قوم، الله ۽ عدالت کان معافي گهران ٿو، آئون عدالت جي بالادستي جو چئمپين رهيو آهيان چاهيان ٿو ته هر ادارو مستحڪم هجي، 12 مئي تي مون تي حملو به ٿيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *