Saturday , April 20 2024

جي آءِ ٽي آهي يا ڪاسائي جو دڪان، ن ليگ کي آءِ ٽي تي خدشا: نواز ليگ

Nihal hashmi01talal chaudhary 1

سپريم ڪورٽ پاران پاناما ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جا ٽيم خلاف نواز ليگ باقائده ميدان لهي پئي آهي. ن ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي کانپوءِ راڻا ثناءُ الله، طلال چوڌري ۽ ٻين خدشا ظاهر ڪندي چيو آهي ته هي جي آءِ ٽي آهي يا ڪاسائي جو هَٽُ / دڪان.

(ن) ليگ پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، اڳواڻن جي آءِ ٽي جانبداري جو الزام هڻندي جاچ عمل جي بائيڪاٽ ۽ احتجاجي تحريڪ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ ڌمڪين جي معاملي تي الڳ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جاچ ٽيم مقرر وقت اندر جاچ مڪمل ڪري ان کان هڪ ڏينهن به وڌيڪ نه ڏنو ويندو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته جي آءِ ٽي جاچ جو ادارو آهي يا ڪاسائي جو دڪان آهي، مشرف کي نواز شريف خلاف ڪجهه نه مليو ته نااهل جي آءِ ٽي کي ڇا ملندو. جيڪي هڪ تصوير سنڀالي نٿا سگهن، اهي انصاف ڇا ڪندا، جي آءِ ٽي جانبدار آهي، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪري تذليل ڪئي وئي، اسان قانون جي بالادستي چاهيون ٿا، (ن) ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته پاناما جو ڪيس هڪ اشتهاري طرفان قائم ڪيو ويو آهي، ملڪ جي وزيراعظم خلاف جاچ اشتهاري جي چوڻ تي ٿي رهي آهي، طلال چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي جانبدار آهي، ٻڌايو وڃي ته اهو ادارو آهي يا ڪاسائي جو دڪان آهي، هي ڪيس قانوني نه پر سياسي آهي، اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته جي آءِ ٽي جي 30 ڏينهن جي ڪارڪردگي هڪ تصوير آهي، جي آءِ ٽي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ته حلفيه بيان واپس وٺو، جڏهن ته شاهدن کي چيو پيو وڃي ته اهي پيش نه ٿيندا ته کين 14 سالن جي سزا ٿيندي، عمران خان اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ سميت سڀني ادارن کي ڌمڪيون ڏنيون پر ان کان پڇا ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي، پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي رپورٽ تڪراري ٿي ته اهڙي سنسني خيز صورتحال پيدا ٿيندي، جيڪا ملڪ لاءِ بهتر نه هوندي.

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جي آءِ ٽي جي بائيڪاٽ جو آپشن موجود آهي، جيڪڏهن جي آءِ ٽي جي رپورٽ خلاف احتجاجي تحريڪ هلي ته آئون سڀني کان اڳيان هوندس، هن چيو ته ٻن ميمبرن جي ماضي بابت ڪنهن به اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، شاهد ٻڌائين ٿا ته مٿن دٻاءُ وڌو پيو وڃي، تصوير کانپوءِ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته شريف خاندان جي بي عزتي ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن (ن) ليگ اڳواڻ طارق فضل چوڌري ۽ مشاهد الله اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم جا پٽ عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهن، اهڙو ڪو ٻيو مثال نٿو ملي، ڇا ڪنهن به صوبي ۾ حڪمرانن پنهنجي اولاد کي جاچ ٽيم آڏو پيش ڪيو آهي، هن چيو ته حسين نواز جي تصوير جو هڪ ٻيو رخ به آهي، تصوير مان واضح آهي ته ليڪ ڪندڙ ڇا ٿا چاهين، جڏهن ته ايمبولينس گهرائي سندس خاندان کي پريشان ڪيو ويو، مشاهد الله چيو ته انصاف اهو هوندو آهي، جيڪو نظر اچي، ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٿي، جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ وڌيڪ 15 ڏينهن جي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، عدالت رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ کي هدايت ڪئي ته جاچ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، توهان کي سموري تحقيقات مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻي آهي، ان ٽائيم فريم تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ مقرر وقت ۾ هڪ ڏينهن جي اضافي جي اجازت نه ڏينداسين. هوڏانهن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ چيو ته جي آءِ ٽي کي ڌمڪين جي معاملي تي الڳ درخواست داخل ڪرائينداسين،هڪ صحافي پاران واجد ضياءَ کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ جاچ ۾ رڪاوٽون آهن، جنهن تي واجد ضياءَ چيو ته ڌمڪين جي معاملي تي اسان سپريم ڪورٽ ۾ الڳ درخواست داخل ڪرائينداسين، ان کي پبلڪ به ڪيو ويندو، سڀ شيون سموري عوام آڏو آنديون وينديون.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *