Thursday , April 18 2024

جيڪو به سي پيڪ جو مخالف آهي اُهو اسان جو دشمن آهي: اياز ليطيف پليجو

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سي پيڪ جو دشمن اسان جو دشمن آهي، هاڻي سنڌ ۾ ڪرپٽ زرداري ٽولو نه پر سنڌ جا عوام دوست حڪومت ٺاهيندا. اياز لطيف پليجو اهڙو اظاهر

قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾  ڪرپشن، دهشت گردي،ڌارين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ سميت سنڌ دشسمن منصوبن خلاف ڪراچي ۾ محبت سنڌ مارچ کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلي اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن نمائش چورنگي کان تبت سينٽر تائين پهتل ريلي اتي جلسي جي صورت اختيار ڪئي. جتي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته ڪرپشن کي هلڻ نه ڏينداسين ۽ غريبن جون زمينن تي ذوالفقار آباد ٺهڻ نه ڏينداسين سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي  تباهه ڪيو ويو آهي.

انور مجيد جو ڪمند خريد ڪرڻ ۽  چمنيون بند ڪيون ويون آهن سارين،ڪڻڪ کانپوءِ هاڻ ڪمند جا اگهه ڪيرائي  آبادگارن کي تباهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  سنڌ ۾ پاڻي ڦڙي لاء پريشان آهي خوشحال سنڌ جا ٻچا ماني ڳڀي لاءِ سڪي رهيا آهن سنڌو درياء جي مالڪ سنڌين کي گٽرن جو پاڻي پيو پياريو وڃي. نواز شريف جيڪڏهن سنڌ کي ايم ڪيو ايم جي باني ۽ آصف زرداري جي حوالي نه ڪري هاڻ ۽ هتان جي ماڻهن کي روزگار،تعليم ۽ صحت جا منصوبا ڏئي هاڻ ته اڄ سنڌ سندس لاءِ آواز اٿاري هاڻ نواز شريف رائيونڊ ۽ لاهور جو وزيراعظم بڻجي سنڌ کي ڌارين کي وڪرو ڪيو. هن کي سنڌ سان جڙڻ کپي ها.

هن چيو ته بختاور،بلاول انور مجيد،شرجيل ميمڻ ۽ ٻين ڪرپشن ڪندڙن جي حق ۾ ٽوئيٽون ته ڪيون آهن پر ڪنهن مظلوم لاءِ لفظ نه به لکيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *