Friday , March 29 2024

جيڪب آباد ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي پ پ اڳواڻ جو واپاري تي تشدد

جيڪب آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار)  پ پ اڳواڻ صابر جکراڻي ڀتو نه ڏيڻ تي واپاري اڳواڻ لالچند سيتلاڻي کي بنگلي تي سڏائي مبينا طور تي تشدد جو نسانو بڻائڻ خلاف شهر جي واپارين، هندو برادري ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ پ پ اڳواڻ ۽ سندس سهولتڪارن خلاف سخت نعري بازي ڪئي. واپاري لالچند جو چوڻ آهي ته، پ پ اڳواڻ ايم اين اي اعجاز جکراني جي بنگلي تي گهرائي ڀتو گهريو انڪار ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو.

واپاري تي مبينا طور ڀتو نه ڏيڻ ۽ تشدد خلاف جيڪب آباد ۾ پ پ جي ۾مقامي اڳواڻ پاران هندو پنچائت جي صدر تي مبينا تشدد ڪرڻ خلاف شهرين، واپارين ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران  احتجاجي ڪيو ويو. شهرين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احمد علي بروهي، لالچند سيتلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾سونارڪي بازار چوڪ تي  احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي الزام مڙهيندي چيو ته  پ پ اڳواڻ صابر جکراڻي ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي بنگلي تي گهرائي 4 لک روپيا ڀتو گهريو، انڪار ڪرڻ تي مون مٿان پاڻ به تشدد ڪيو ۽ ملازمن کان به تشدد ڪرايو، جيڪا سراسر دادگيري آهي. هن چيو ته معاملي جي ايس ايس پي وٽ شڪايت کڻي وياسين پر هو بااثر خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڀتو گهرندڙ ۽ تشدد ڪندڙ پ پ اڳواڻ خلاف قانوني ڪارروائي  نه ٿي ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *