Friday , March 29 2024

جيڪب آباد واسي آرٽسٽ قطب رند لاهور ۾ بيدردي سان قتل، پوليس ڪيس لوڙهڻ جي چڪر ۾ لڳي وئي

لاهور / جيڪب آباد ( سنڌسماءَچار نيوز) لاهور سانده واري علائقي ۾ جيڪب آباد واسي نوجوان آرٽسٽ قطب کي سندس مالڪ مڪان انتهائي بيدردي سان تشدد ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو، پوليس قتل ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد سندن گرفتاري لڪائي ڇڏي آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته لاهور پوليس جوابدادرن کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، هنن جوابدارن جي فوري طور تي گرفتاري ظاهر ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

لاهور پوليس وحشياڻي تشدد بعد ٽَي ماڙ عمارت تان اُڇلائَي قتل ڪيل جيڪب آباد واسي آرٽسٽ نوجوان قطب رند جَي ڪيس ۾ گهر جَي مالڪ سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پر سندن گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي،17 جولاءِ تي لاهور جَي علائقي پريم نگر ۾ ٻن جوابدارن وقاص ۽ احسن جيڪب آباد واسي نوجوان قطب رند کي وحشياڻي تشدد بعد قتل ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب نوجوان جنهن گهر ۾ ڪرائَي تي رهندو هو، ڪجهه ڳالهه تان جهيڙي بعد اُن گهر جَي مالڪ ڀاءُ ساٿين سان گڏجي نوجوان قطب کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندَي سندس هٿ پير ڀڃي ڇڏيا ۽ پوءِ کيس ٽَي ماڙ عمارت تان ڌِڪو ڏنو. نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سروسز اسپتال منتقل ڪيو پئَي ويو ته هُن زخمن جا سور نه سهندَي رستي تي ئي دم ڏنو. مقتول نوجوان جَي چاچي گل بيگ رند جِي فرياد تي لاهور جَي سانده ٿاڻي جي پوليس قتل جو ڪيس داخل ڪيو، جنهن بعد پوليس ٻن جوابدارن وقاص ۽ احسان کي گرفتار ڪرڻ باوجود سندن گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي. مقتول نوجوان جو مڙهه جيڪب آباد پهچائڻ بعد سندس اباڻي ڳوٺ نهال رند ۾ دفنايو ويو. واضح رهي ته نوجوان قطب رند لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽ ۾ پڙهندو هو، جتي ايگزيبيشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هو 16 جولاءِ تي جيڪب آباد کان لاهور لاءِ روانو ٿي ويو هو.

قطب رند جي قتل کانپوءِ سندس پوسٽ مارٽم رپورٽ به پڌري ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي، مقتول قطب تي بي رحماڻو تشدد ڪرڻ جي نتيجي ۾ سندس ٻانهون، ڄنگهون ڀڄي پيون هيون، سندس ميڄالو به نڪري ويو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، قطب جون ڄنگهون ۽ ٻانهون ڀڄڻ مان لڳي ٿو ته کيس لوهي شيخن  يا ڪنهن سخت شئي سان مٿس تشدد ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *