Wednesday , April 24 2024

جوڊيشل مئجسٽريٽ جو ميهڙ جي مڊل اسڪول تي ٻيو ڀيرو ڇاپو، بااثر قبضا مافيا کان اسڪول خالي ڪرائي ڇڏيو

ميهڙ( سنڌ سماءَ چار نيوز) جوڊيشل مئجسٽريٽ ميهڙ ڳوٺ لونگ تنيو ۾ مڊل اسڪول تي ڇاپو هڻي قبضو ڪري ويٺل بااثر ماڻهن کي لڏائي اسڪول تان قبضو ختم ڪرائي ورتو آهي. اسڪول تي پرائمري استاد غلام رسول تنيو قبضو ڪري ڪلينڪ قائم ڪري ڇڏي هئي.

ڳوٺ لونگ تنيو ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد احسن شيخ گورنمينٽ مڊل اسڪول تي ڇاپو هنيون، جتي علائقي جا بااثر  ماڻهو قبضو ڪري ويٺل هئا، جن قبضو ختم ڪرائي اسڪول جي عمارت خالي ڪرائي وئي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوڊيشل مئجسٽريٽ ساڳئي اسڪول تي ڪجهه عرصو اڳ به ڇاپو هڻي قبضو ختم ڪرايو هو، جنهن بعد ساڳيا بااثر ماڻهو ٻيهر اسڪول تي قبضي ڪري ويهي رهيا هئا. تعليم کاتي جي عملدارن اسڪول جي عمارت تي قبضي بابت باخبر هجڻ باوجود ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. ڪجهه عرصو اڳ اسڪول جي عمارت تي عدالتي ڇاپي بعد قبضو ختم ڪرايو ويو هو پر بااثر شخص غلام رسول تنيو جيڪو عطائي داڪٽر به آهي ان اسڪول جي عمارت ۾ ڪلينڪ قائم ڪري ڇڏي هئي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد احسن ڳوٺ لونگ تنيو جي گورنمنٽ مڊل اسڪول تي ڇاپو هنيو جتي پرائمري اسڪول ٽيچر غلام رسول تنيو جنهن جي ڊيوٽي ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ آهي، جنهن هتي پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ کولي قبضو ڪيو هو جيڪو جج ڇاپو هڻي ختم ڪرائي ڇڏيو آهي. پوليس کي قبضو ڪندڙ تي دهشتگردي ايڪٽ تحت قبضو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ۽ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *