Saturday , April 20 2024

جهيڙ جهوڪ ڌڻين جو آهي مڙيو ئي مام – شهيد شاهه عنايت جي عرس جون تقريبون جاري

“ جو کيڙي سو کائي” جو نظريو ڏيندڙ صوفي شاهه عنايت شهيد جي 309 هين سالياني عرس جي ٻئي ڏينهن جون تقريبون جهوڪ شريف ۾ جاري آهن. ميرپور بٺورو ۾ صوفي شاهه عنايت جي عرس جي موقعي تي اڄ ٻئي ڏينھن به محفل سماع ٿي، جنھن ۾ صوفي راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. درگاهه جي گادي نشين صوفي شاهه عطاءُ الله ستاري ٻين عقيدتمندن سان گڏ صوفياڻو راڳ ٻڌو، راڳ رنگ جون محفلون جاري آهن.

هوڏانهن ميرپوربٺورو پريس ڪلب ۾ سنڌ ڪلچرل فورم ۽ ڳوٺ سڌار سنگت پاران صوفي شاھه عنايت ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اديبن، شاعرن، سگھڙن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ادبي ڪانفرنس کي غلام حُسين رنگريز، نوازخان زئور، پُنھل ساريو، ڀون سنڌي، پرويز ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي  چيو ته صوفي شاھه عنايت ھارين جي حقن لاءِ جو کيڙي سو کائي جو نعرو ھڻي، جدوجھد جي ميدان تي لٿو ۽ شھادت ماڻي. هنن چيو ته اڄ جي صورتحال ۾ صوفي شاھه عنايت جي ڏسيل واٽ تي ھلڻ جي ضرورت آھي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *