Saturday , April 20 2024

جن کي25سال اڳ اسان هٿيار ڏنا هاڻي اُهي ماڻهو ساڳيا هٿيار اسان تي تاڻي بيٺا آهن:خواجاآصف

خواجاآصفkhuwaja asif1

پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا آصف خطرناڪ اعتراف ڪيو آهي ته، اسان/ رياست جن ماڻهن کي 25 سال اڳ بندوقون کڻايون هيون اُهي ساڳيا ماڻهو اڄ اسان تي بندوقون تاڻيون بيٺا آهن. دفاع واري وفاقي وزير ۽ نواز ليگ جي سربراهه وزيراعظم نوازشريف جي بااعتماد اڳواڻ خواجا آصف سيالڪوٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن کي خطاب ڪندي اعترافي انڪشاف ڪيو ته، “ 25 سال اڳ انهن ماڻهن کي رياست بندوقون کڻايون هيون، ان وقت رياست جا مقصد ڪهڙا به هجڻ پر اهو ڪنهن به نه سوچيو هو ته اهي ماڻهو اسان جا مخالف به ٿي ويندا ۽ ساڳيون بندوقون اسان مٿان تاڻي بيهندا”. خواجا آصف جو چوڻ هو ته، اسان کي جڏهن به ضرورت پوي ٿي فوجي عدالتون ٺاهيون ٿا، اسڪولن، آفيسن ۽ مسجدن ۾ بيگناهن کي قتل ڪندڙ مٿان جا مسلمان آهن، هن چيو ته آئون فوجي عدالت جي حق ۾ آهيان.

jihadies1

بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ جو موجوده نظام تباهه ٿيڻ سبب فوجي عدالتون ٺاهيون پيون وڃن، فوجي عدالتن جو قيام اهو تسليم ڪرڻ آهي ته اسان جو موجوده نظام تباهه ٿي چڪو آهي، اسان پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان پر امن نموني رهڻ چاهيون ٿا پر ڀارت اسان جي اولهه ۽ اوڀر سرحدن تي دهشتگردن ۽ افغانستان کي اسان جي خلاف استعمال ڪري رهيو آهي، سيالڪوٽ ۾ بار جي نون چونڊيل عهديدارن جي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پاڙيسري ملڪن سان پر امن نموني رهڻ واري اسان جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪ فوج پوري طاقت سان دشمن کي جواب ڏيڻ ۽ سندس مقابلي لاءِ تيار آهي، اسان جي فوج هر محاذ تي مقابلي جي طاقت رکي ٿي. خواجا آصف جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن اسان تي اڄ بندوقون تاڻيون آهن، 25 سال اڳ انهن ماڻهن کي رياست بندوقون کڻايون هيون، ان وقت رياست جا مقصد ڪهڙا به هجڻ پر اهو ڪنهن به نه سوچيو ته اهي ماڻهو اسان جا مخالف به ٿي ويندا، هن چيو ته اسان کي جڏهن به ضرورت پوي ٿي فوجي عدالتون ٺاهيون ٿا، اسڪولن، آفيسن ۽ مسجدن ۾ بيگناهن کي قتل ڪندڙ مٿان جا مسلمان آهن، هن چيو ته آئون فوجي عدالت جي حق ۾ آهيان.

jihadies3

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *