Saturday , April 20 2024

جعلي اڪائونٽس ۾ سرڪاري ٺيڪيدارن کان زبردستي 78 ڪروڙ 70 لک رپيا جمع ڪرايا ويا

ڪراچي ( رپورٽ:اصغر آزاد سنڌسماءَچار) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ 7 رجسٽرڊ ڪمپنيون ۽ ملڪ جون 4 اهم شخصيتون ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪساف سپريم ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، حڪومتي ٺيڪيدارن کي بااثر ماڻهن ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاري جعلي اڪائونٽس ۾ 78 ڪروڙ 70 لک رپيا جعلي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرايا ويا. ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، جعلي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال ۾ خبر پئي آهي ته، سرڪاري ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا کڻندڙ ڪمپنين ۽ ٺيڪيدارن تي دٻاءُ وجهي رقمون جعلي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرايون ويون. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس جي گهڻ پاسائين جاچ ڪئي پئي وڃي. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته، جاچ دوران خبر پئي آهي ته، جعلي اڪائونٽس ۾ سرڪاري ٺيڪيدارن کي ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاري 78 ڪروڙ 70 لک رپيا مختلف اڪائونٽس ۾ جمع ڪرايا ويا. ايف آءِ اي ذريعن موجب، ايڏي وڏي رقم ڪير به خوشي سان ڪنهن جي اڪائونٽ ۾ جمع نه ٿو ڪري سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *