Saturday , April 20 2024

جعلي اڪائونٽس ڪيس، زرداري گروپ آف ڪمپنيز اڪائونٽس جا تفصيل ڏيڻ کان جواب

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ زرداري گروپ آف ڪمپنيز جي آءِ ٽي کي بئنڪ اڪائونٽس بابت تفصيل ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، زرداري گروپ جي وڪيل جو چوڻ آهي ته، اسان جي آءِ ٽي کي رڪارڊ ڏيڻ جا پابند نه آهيون ۽ نه ئي جي آءِ ٽي کي اهڙُ اختيار آهي. جي آءِ ٽي مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي سلسلي ۾ زرداري گروپ آف انڊسٽريز  جي قانوني ٽيم پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر پاران جواب جمع ڪرايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته زرداري گروپ آف انڊسٽريز جي وڪيلن ٽرانزيڪشن جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. ذريعن موجب وڪيلن چيو ته ٽرانزيڪشن جا تفصيل گهرڻ جي آءِ ٽي جو مينڊيٽ ناهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت جي آءِ ٽي ٽرانزيڪشن جا تفصيل گهري نٿي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *