Friday , April 19 2024

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم (رحمت اللعالمين) جي موقعي تي سيڪيورٽي سخت،موبائل فون به بند

لاڙڪاڻو/خيرپور/ڪراچي (رپورٽرز سنڌسماءَچار) اڄ سڄي دنيا سميت سنڌ ۾ به جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم (رحمت اللعالمين) مذهبي جوش جذبي ۽ انتهائي عقيدت سان ملهايو پيو وڃي. فضا يا رسول الله صلعم جي صدائن سان گونجي اٿيون آهن. ان موقعي تي ڪراچي، حيدر آباد، سکر پشاور ۽ ڪوئيٽا سمايت اڪثر شهرن ۾ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي شسهرن ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لڳائي وئي آهي.

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي صلعم عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. جشن عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 توپن سان ڪئي وئي. اسلام آباد جناح اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ پروقار تقريب سجائي وئي، لاهور ۾ سلامي جي پروقار تقريب ڪينٽ جي علائقي محفوظ شهيد گيريزن ۾ ٿي. ان موقعي تي فضا پاڪ فوج جي جوانن جي الله اڪبر جي نعرن سان گونجي وئي. عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ مختلف محفلن، جلوس، ريلين، سيمينار ۽ تقريبن جو انتظام ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ به عيد ميلاد النبي جي موقعي تي هوائون درود ۽ سلام سان گونجي رهيون آهن، مسجدن، گهرن، سرڪاري عمارتن کي رنگي برنگي بلبن سان سجايو ويو آهي. سڪيورٽي خدشن سبب ڪراچي، سکر، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي آهي. سنڌ جي گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد موجب موبائيل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، رات 8 وڳي سروس بحال ڪئي ويندي.

لاڙڪاڻي ۾ مختلف مذهبي جماعتن پاران جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم (رحمت اللعالمين) جي موقعي تي ريلون ڪڍي نعت پيش ڪيون ويون. ڏوڪري، نئون ديرو، ڳيريلو، باڊهه، موهن جو دڙو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به ميلاد جون محفلون منعقد ڪيون ويون.

خيرپور شهر، فيض گنج، اڪري، ٺري ميراوهه، راڻيپور، گمبٽ، ڪنب ۽ ٻين شهرن ۾ به ميلاد جون محفلون سجايون ويون.

سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، ميرپور خاص، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين شهرن ۾ به جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم (رحمت اللعالمين) جون ريليون ڪڍيون ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *