Friday , March 29 2024

جسٽس (ر) رحمت حسين جعفري سميت نئين نيب چيئرمين لاءِ 6 نالن تي غور

Javid Iqbal 01Faqir Muhammad Khokhar

اسلام آباد: نئين نيب چيئرمين جي مقرريءَ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج، جسٽس رٽائرڊ رحمت حسين جعفري سميت 6 ڄڻن جا نالا شارٽ لسٽ ڪري انهن مان ڪنهن هڪ کي نيب چيئرمين مقرر ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي، 7 آڪٽوبر تائين نيب چيئرمين لاءِ تجويز ڪيل 6 نالن مان ڪنهن هڪ کي فائنل ڪيو ويندو.

NAB still

حڪومت ۽ مخالف ڌر نيب جي نئين چيئرمين لاءِ 6 نالا پيش ڪري ڪيا ويا آهن. مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪري نئين نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان مشاورت ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر پنهنجي پنهنجي طرفان 3-3 نالا پيش ڪري ڇڏيا آهن، جن مان ڪنهن هڪ جي نالي کي فائنل ڪيو ويندو. مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نئين نيب چيئرمين لاءِ آءِ بي جي اڳوڻي چيف آفتاب سلطان، جسٽس (ر) رحمت جعفري ۽ جسٽس رٽائرڊ چوڌري اعجاز جا نالا تجويز ڪيا آهن، جڏهن ته اپوزيشن طرفان نيب چيئرمين لاءِ جسٽس (ر) فقير محمد کوکر، جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ۽ اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري اشتياق احمد جا نالا پيش ڪيا آهن، هن چيو ته نئين نيب چيئرمين جي مقرري جو فيصلو 8 آڪٽوبر کان پهريان ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم کان بار بار نالا گهريا ويا پر انهن نالا نه ڏنا، هن چيو ته جماعت اسلامي جيڪو نالو ڏنو آهي، اهو به مشاورت ۾ شامل ڪيو آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم نالا نه ڏينديون ته انهن جو انتظار نٿو ڪري سگهان، هن چيو ته هڪ شخص لاءِ آئين ۾ تبديلي ڪرڻ آئين سان مذاق برابر آهي، سينيٽ مان اليڪشن بل جي منظوري ۾ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪردار جي جاچ ٿيڻ گهرجي، هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪري نئين نيب چيئرمين جي حوالي سان آگاهي ڏني ۽ مشاورت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *