Saturday , April 20 2024

جسقم پاران استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران اي ٽي ايس پاس استادن جي جاري تحريڪ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جسقم چيئرمين  صنعان قريشي ڪراچي پريس ڪلب وٽ بک هڙتال تي ويٺل استادن جي حمايت ۾ 29 ڊسمبر کان صوبي ۾ احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جسقم سربراهه صنعان قريشي ڪراچي پريس ڪلب وٽ بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي استادن جي مطالبن جي حمايت ڪئي.جسقم سربراهه استادن جي حمايت ۾ 29 ڊسمبر کان سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ عارف علوي به احتجاج ڪندڙ استادن وٽ پهچي کين سهڪار ۽ حمايت جي خاطري ڪرائي. پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت پنهنجي مرضي جي ادارن ذريعي ٽيسٽ وٺي استاد ڀرتي ڪيا آهن جن جا جائز مطالبا نه مڃڻ ناانصافي آهي، جنهن خلاف هر صورت ۾ آواز اٿاريو ويندو.

پ ٽ الف جي سڏ تي سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس پاس استادن جي 16 هون گريڊ ڏيڻ، پڪو ڪرڻ ۽ اسڪولن لاءِ عمارتون ڏيڻ وارن مطالبن لاءِ پريس ڪلب آڏو استادن جي بک هڙتال جاري آهي، جتي استادن پاران شهيد بينظير ڀٽو جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتح خواني پڻ ڪئي. احتجاج ڪندڙ استادن ٻيهر وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي، جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، استان جي مطالبن واري معاملي تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ سڀاڻي تعليم واري وزير، قانون واري وزير، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ سيڪريٽري تعليم کي گهرائي ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *