Saturday , April 20 2024

تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي، تعليم کي آءِ سي يو پهچائي ڇڏيو – شير محمد سولنگي

سنڌ سرڪار جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ حڪمراني جو انداز ڏسجي ته سواءِ افسوس جي پاڇي ٻڙي به نه ٿي بچي، تعليمي ادارن جي حالت، کوڙ سارن ريگيولر ڊيوٽي ڪندڙ استادن جو سواءِ حاضري لڳائڻ کانسواءِ ڪارڪردگي اونداهي رات ۾ پرانهون خاموش ۽ ڪانگهاري بيٺل ڪاري مينهن جهڙي ئي نظر ايندي. سنڌ ۾ تعليم جي تباهي خلاف سماجري رابطن جي مختلف سائيٽس، انفرادي حيثيت ۾ ڪجهه فردن ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر سول سوسائٽي جي ماڻهن پاران جڏهن تعليم جي تباهي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ويو هو ته، انهن کي حڪومت ۾ ويٺل وڏيرن، انهن جي ڇاڙتن ۽ جيالن اهڙن ماڻهن سان جيڪو حشر ڪيو هو اهو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. بحرحال اهڙي وٺ وٺان کانپوءِ سنڌ سرڪار پاڻ تان بار لاهڻ ۽ تنقيد کي ٿڌو ڪرڻ خاطر تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو اعلان ڪيو.

تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لڳائڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ سال دوران اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، پر سرڪاري تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي نئين داخلا جو سيڪڙو/سراري 2 سيڪڙو کان به گهٽ رهيو آهي. ان جو اعتراف تعليم کاتي ۽ وڏي وزير پاڻ ڪيو آهي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق سڄي سنڌ ۾ ڪُل 45555 اسڪول آهن، جن مان 42383 فعال آهن ۽ 3017 غيرفعال آهن، فعال اسڪولن جي اڪثر عمارتن ۾ بنيادي سهولتن جي به کوٽ آهي. 16-2015ع ۾ مجموعي انرولمينٽ 4145219 هئي، جيڪا 17-2016ع ۾ بهتر ٿيندي 4229128 ٿي وئي. اهڙي ريت 83909 جو فرق ظاهر ٿيو يعني 2 سيڪڙو کان به گهٽ داخلائون ٿي سگهيون آهن. اهڙي ريت 16-2015ع ۾ استادن جو انگ 156216 هو، جنهن ۾ 17-2016ع ۾ گهٽ ٿي 150787 رهجي وئي، اهڙي ريت 5429 استاد رٽائرڊ يا بايوميٽرڪ حاضريءَ واري نظام جي شروع ٿيڻ ڪري استعيفيٰ ڏئي ويا آهن.

گوسڙو استادن خلاف مهم دوران بايو ميٽرڪ نظام لاڳو ڪيو ويو، جنهن سان استادن کي ريگيولر ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ مجبور ته ڪيو، پر انهن مان 95 سيڪڙو رڳو اٽينڊنس ڏيڻ اسڪول وڃي ٽائيم پاس ڪري پگهار حاصل ڪن ٿا، پر هاڻي وري استادن جي من مان بايو ميٽرڪ جو خوف نڪري ويو آهي . جيڪي ويچار پڌرا ڪيا ويا آهن انهن ۾ به صداقت گھٽ آهي سنڌ ۾ ڪجھ اسڪول نالي ماتر کولرايا ويا، جتي استادن وٽ نه شاگرد آهن نه اسڪول جي عمارت آهي. اهي نالي ۾ اسڪول هلي رهيا آهن ذريعن جو چوڻ آهي ته  تعليم کاتو وڏي وزير جي هدايتن باوجود 3 هزار اسڪول کولي نه سگهيو. ساڍا 9 سئو اسڪل بند ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي، اسڪولن جون 6 هزار عمارتون خطرناڪ ٿي ويون آهن، 55 سيڪڙو ٻار اسڪول نه ٿا وڃن.ٻارن جي داخلا ۾ ٻه سيڪڙو واڌ ٿي آهي. سنڌ ۾ تعليم جي شرح 60 سيڪڙو هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه تعليم کاتي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڪراچي جي سوين اسڪولن ۾ بجلي نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معيار ۽ ٻارن 1500 پرائمري اسڪولن ۽ 1000 سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن کي ماڊل اسڪول طور کڻي اتي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صوبي ۾ پبلڪ سيڪٽر ايجوڪيشن اسٽيٽس بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته  تعليم جي مجموعي نظام، ڪرندڙ شرح ۽ استادن جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ تفصيلي پلان جوڙيو وڃي. وڏي وزير پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته هن تعليم جي شعبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي پر اڃا تائين حوصلو وڌائيندڙ نتيجا سامهون نه آيا آهن. سسٽم ۾ موجود خامين تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي شديد ضرورت آهي ته جيئن ان کي بهتر بڻائي سگهجي.

سنڌ حڪومت پاران تعليمي سڌارن ۽ ريگيولر استادن جي ڪارڪردگي جاچڻ لاءِ قدم ناهن کنيان ويا، ڪير به تعليم کاتي کان پڇڻ وارو ناهي، صرف وزارت، سيڪريٽري، ۽ ٻين اهم ۽ سڻنڀين پوسٽن جي حاصلات لاءِ جهيڙا جاري آهن. تعليم کاتي جو وزير ڪڏهن به اسڪولز جا دورا نه ٿو ڪري، سيڪريٽري پرڏيهي دورن، ڊونر ايجنسين کان فنڊز وٺي نوان نوان منصووبا شروع ڪري پئسا هڙپ ڪرڻ ۽ پنهنجا نوازي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿا ڪن.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آههي ته، عام چونڊون ويجهو اچي پهتيون آهن، سمورا چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز پنهنجن پنهنجن تڪن / علائقن ۾ نڪرڻ وارا آهن، اچو ته گڏجي انهن کان پڇاڻو ڪيون. انهن کان پڇون ته سنڌ جي تعليم ڇو تباهه ٿي، تعليم کي ڌنڌو ڇو بڻايو ويو آهي. تعليم کاتو پاڻ تباهه ته آهي ئي پر قوم کي ڪوڙهه ورتل تعليمي نظام جي حوالي ڇو ڪيو ويو آهي. جيستائين اسان انهن حڪمرانن کان عوامي سطح تي پڇاڻو نه ڪنداسين ايستائين ڪجهه ڪو نه ٿيندو، رڳو آسران جيڪي 70 سالن کان ملندا پيا اچن ۽ بس….!!

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *