Friday , March 29 2024

تعليم کاتي جي 5 سالن جي بجيٽ ڪيتري هئي ۽ ڪيئن خرچ ٿي،سنڌهاءِ ڪورٽ تفصيل طلب ڪري ورتا

  جسٽس عقيل احمد عباسي        

ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ گذريل پنجن سالن دوران خرچيل سموري بجيٽ جا انگ اکر ۽ خرچيل مَد جا مڪمل تفصيل طلب ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن رپورٽ پيش نه ڪئي وئي ته سيڪريٽري سميت لاڳاپيل سمورن عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ تعليم ۽ کاتي جي ڪارڪردگي بابت هڪ آئيني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران جسٽس عقيل عباسي، تعليم ۽ ناڻي کاتي جي سيڪريٽرين کان کاتي جي پنجن سالن دوران منظور ڪيل ۽ جاري ٿيڻ بعد خرچيل سموري بجيٽ جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي جي دوران جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ سرڪار گذريل 5 سالن ۾ تعليم جي لاءِ ڪهڙو فنڊ جاري ڪيو آهي .ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو خرچ ڪيو ويو آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪيترا اسڪول کليل آهن ۽ ڪيترا بند آهن. عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 31 جنوري ي رپورٽ پيش ڪئي وڃي نه ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي عدالت ۾ گهرايو ويندو. درخواست گذار نديم شيخ چيو ته سنڌ راٽئس آف چلڊرن ايجوڪيشن ايڪٽ 2013ع جي تحت اربين رپين جاري ڪيا ويا. اڄ تائين ان ايڪٽ تي عمل نه ٿيو آهي .هن چيو ته سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جي باوجود اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ بل پاس ٿيڻ جي باوجود تعليم مفت نه ٿي آهي . 6هزار کان وڌيڪ سرڪاري اسڪول بند آهن. هن چيو ته 40هزار استاد اسڪول نٿا وڃن.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *