Saturday , April 20 2024

تعليمي بورڊ سکر يا خورشيد شاهه ۽ سندس ڀاءُ جي ”اوطاق“ -سکر بورڊ جي چيئرمين خلاف پٽيشن واپس وٺڻ لاءِ جرڳي جون تياريون

سکر ( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار ) تعليمي بورڊ سکر جي نان ڪيڊر، آئوٽ آف ٽرن پروموشنز وٺندڙ ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ 3 ڀيرا ڪانٽريڪٽ تي چيئرمين مقرر ٿيل، سيد مجتبيٰ شاهه بورڊ آفيس کي ذاتي ”اوطاق “ بڻائي ڇڏيو آهي. مجتبيٰ شاهه جي غير قانوني طور ٽيون ڀيرو مقرري ۽ بورڊ  جي سيڪريٽري جي مقرري لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪمن خلاف رفيق احمد پلهه جي مقرري جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. رفيق پلهه اسلام آباد بورڊ مان سکر بورڊ ۾ مقرر ٿيو هو، جنهن جي ملازمت کي غيرقانوني طريقي سان سکر بورڊ ۾ ضم ڪيو ويو هو.

سکر بورڊ جي غير قانوني طور تي مقرر ٿيل اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي ڀاءُ ۽ چيئرمين سکر بورڊ سيد مجتبيٰ شاهه ۽ اڳوڻي سيڪريٽري امان الله انصاري وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ بابت سنڌسماءَچار کي اهم معلومات ملي آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، اڳوڻي سيڪريٽري امان الله انصاري ۽ چيئرمين مجتبيٰ شاهه وچ ۾ گذريل وڏي عرصي کان مختلف معاملن تي تڪرار هلندڙ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، غير قانوني طريقي سان تعليمي بورڊ جي چيئرمين ٿيل ۽ بعد ۾ ان سان ڇنبڙيل رهندڙ مجتبيٰ شاهه پاران 2015 دوران سکر بورڊ جي آفيس، آفيسرز ۽  لازمن جي رهائشي ڪالوني ۾ ڪرايل مرمتي ڪمن جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا جاري ڪرڻ واري معاملي تان شروع ٿي آهي.

تازي شروع ٿيل ڇڪتاڻ بابت وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته، ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن کاتي پاران جاري ڪيل ان ايم اينڊ آر / رپيئرنگ اينڊ مينٽيننس جو ڪم مورڳو ڪرايو ئي ناهي ويو. اُها رقم ٺيڪيدارن کي ٽينڊر جاري ٿيڻ بعد بورڊ جي چيئرمين لاڳايپل اختيارين سان ملي ڀڳت ڪري اڳواٽ ئي جاري ڪري مبينا طور پاڻ ۾ ورهائي هئي. ان لاءِ فائيلن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ سيڪريٽري امان الله انصاري کان اپروول/منظوري وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هُن اهڙي عمل کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو. امان الله انصاري جي انڪار بعد، خورشيد شاهه جو ڀاءُ ۽ غيرقانوني طريقي سان تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين طور مقرر سيد مجتبيٰ شاهه ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي آفيس ۾ سڏائي اتي موجود ڪجهه ماڻهن جي مدد سان کيس مبينا طور تشسدد جو نشانو بڻائي اُلٽو ان تي ئي حملي جو الزام لڳائي سکر جي سائيٽ ٿاڻي جي پوليس کي گهرائي کيس ان جي حوالي ڪيو ويو. سائيٽ ٿاڻي جي پوليس امان الله انصاري کي سومر ڏينهن رات دير تائين ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو(ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته کيس ڪجهه دير لاءِ لاڪ اپ ۾ به رکيو ويو).

ان سلسلسي ۾ جڏهن سنڌ سماءَ چار پاران امان الله انصاري سان رابطو ڪري معلومات ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته چيئرمين غير قانوني ڪم ۽ فائيلز تي صحيح وڍڻ/ منظوري لاءِ دٻاءُ وجهندو رهندو آهي ۽ انڪار ڪرڻ تي کيس انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻائڻ معمول بڻجي ويو آهي. هن ٻڌايو ته 2015 دوران ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن کاتي پاران، سکر بورڊ جي آفيسرز ۽ ملازمن جي رهائشي ڪالوني ۾ ايم اينڊ آر جو ٽينڊر ٿيو هو، هڪ ڪروڙ 80 لک رپين جو اهو ٽينڊر ڪنهن منپسند ٺيڪيدار کي ڏئي کيس بورڊ جي اڪائونٽ مان ايڊوانس طور ادا ڪئي وئي. امان الله انصاري ٻڌايو ته، چيئرمين مجتبيٰ شاهه ان بل جي قانوني گهرجن جي پورائي لاءِ پنهنجي آفيس ۾ فائيلزن تي زبردسي صحيحيون وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انڪار تي حبس بي جا ۾ رکي بعد ۾ سائيٽ ٿاڻي جي پوليس جي حوالي ڪيوي ويو.

(سکر بورڊ جي معاملن بابت وڌيڪ تفيصل به جلد پڙهندڙن تائين جلد  پهچايا ويندا-سنڌسماءَچار)

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *