Friday , March 29 2024

ترقياتي ڪم ٿين ڪو نه ٿا رڳو اشتهارن تي زور آهي: چيف جسٽس احمد علي شيخ

ڪراچي (اصغر آزاد سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ  ٽنڊو محمد خان جي ترقياتي فنڊز ۾ بيضابطگين جي جاچ نيب حوالي ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ترقياتي ڪمن جا رڳو اخبارن ۾ اشتهار ڏنا وڃن ٿا، جاچ هاڻ اينٽي ڪرپشن بدران نيب کان ڪرايون ٿا. عدالت ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ترقياتي فنڊز ۾ بيضابطگين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته ترقياتي ڪمن جا رڳو اخبارن ۾ اشتهار ڏنا وڃن ٿا، لاڳاپيل ماڻهن ناجائز طريقي سان اختيار استعمال ڪيا.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عوامي نمائندن تي سنگين نوعيت جا الزام آهن، هاڻ جاچ اينٽي ڪرپشن بدران نيب کان ڪرايون ٿا. چيف جسٽس، ٽنڊو محمد خان جي چيئرمين، ڪونسلز، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين خلاف جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ روشن سنڌ سولر پراجيٽ منصوبي ۾ بيضابطگين واري ڪيس ۾ نيب ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي آهي. عدالت ۾ روشن سنڌ سولر پراجيڪٽ منصوبي ۾ بيضابطگين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب جي جاچ آفيسر  عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ اسٽريٽ لائيٽس لڳائڻ لاءِ روشن سنڌ نالي منصوبو شروع ڪيو، جنهن جو ڪاٿو 4 ارب آهي پر ان ۾ 2 ارب رپين جي ڪرپشن جو خدشو آهي. نيب جي جاچ آفيسر مؤقف اختيار ڪندي چيو ته جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، ريفرنس منظوري لاءِ جلد چيئرمين کي موڪليو ويندو. عدالت نيب جو مؤقف ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. نيب پاران مڪاني کاتي جي 10 ملازمن خلاف روشن سنڌ منصوبي ۾ بيضابطگين جي جاچ ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *