Thursday , March 28 2024

تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهل يا…..؟ ائين نه چوندس ته مونکي ڇو ڪڍيو: عمران خان

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ مرڪزي ايڪريٽري جنرل جهانگير ترين خلاف ن ليگ ليگ جي حنيف عباسي پاران داخل ڪرايل درخواستن تي  محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو. اڄ عمران خان ۽ جهانگير ترين جي قسمت جو فيصلو ٿيڻو آهي. عمران خان اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهي ته، جيڪڏهن عدالت کيس نااهل قرار ڏنو ته مان خاموشي سان هليو ويندس، نواز شريف وانگر ائين نه چوندس ته “ مونکي ڇو ڪڍيو”.

سپريم ڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي محفوظ ڪيل نااهلي ڪيس جو فيصلو اڄ جمعي ڏينهن منجهند جو ٻڌايو ويندو. سپريم ڪورٽ جي 15 هين ڊسمبر جمعي ڏينهن واري ڪيسن جي فهرست/ ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جمعي ڏينهن واري ڪيسن جي فهرست ۾ ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي پاران عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف داخل ڪرايل ٻن ڌا ڌار درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. حنيف عباسي جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو جمعي جي نماز واري وقفي کانپوءِ ٻڌايو ويندو.

ن ليگ جي حنيف عباسيءَ پاران عمران خان ۽ جهانگير ترين خلاف عدالت ۾ ٻه درخواستون جمع ڪرايون ويون هيون. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ سچ نه ڳالهايو ۽ غلط بياني ڪئي وئي، انڪري اهي ٻئي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورا نه ٿا لهن. غلط بياني ڪرڻ تي کين نااهل قرار ڏنو وڃي. داخل درخواست ۾ چيو ويو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ جيڪو حلفي بيان جمع ڪرايو، اهو به ڪوڙو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس 14 نومبر تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *