Friday , March 29 2024

تبديلي پسند پارٽي پاران حيدرآباد ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو، هزارين ماڻهو شريڪ

حيدرآباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڌيڪ نئون اضافو ٿي ويو آهي، گذريل ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ ڀوتارن جي سياست خلاف عوامي ميڙاڪا ڪري تبديلي آڻڻ ڳالهه ڪندڙ ۽ ناليواري صحافي علي قاضي پاران باقائدگي سان سنڌ جي سياست ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي. تبديلي پسند پارٽي (ٽي پي پي) جي نالي سان نئين سياسي پارٽي جي پليٽ فارم تان حيدر آباد جي هٽڙي باءِ پاس وٽ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ننڍن وڏن قافلن جي صورت ۾ حيدر آباد شهر ڀرسان هٽڙي باءِ پاس وٽ ٽي پي پي جي جلسي گاهه پهتا. جلسي ۾ شريڪ ماڻهن ۾ عورتن جو به وڏو تعداد موجود هو. جلس کي خطاب ڪندي علي قاضي اعلان ڪيو ته هاڻي هُو سنڌ ۾ پوليس جي زور تي سياست ڪندڙن سامهون ايندڙ چونڊن ۾ سڄي سنڌ اندر اميدوار بيهاريندو. هن اهو به چيو ته، جيڪڏهن پوليس ڀوتارن جي پٺڀرائي ڇڏي ڏئي ته انهن جي سياست جي وزن جي خبر پئجي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *