Friday , April 19 2024

بيگم ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو: وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، بلاول ۽ ٻين پاران افسوس جو اظهار

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) بيگم ڪلثوم جي لاڏاڻي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم، عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اعتزاز احسن ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪيو آهي، اڳاوڻن چيو آهي ته، ڪلثوم نواز هڪ بهادر عورت هئي جنهن هر ڏکئي وقت جو همٿ سان مقابلو ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پيغام ۾ چيو آهي ته، نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي بيماري جي بستري تي لاڏاڻي تي دلي ڏک ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان ڏُک جو اظهار ڪندي چيو ته بيگم ڪلثوم نواز بهادر عورت هئي. حڪومت شريف خاندان کي قانون موجب سهولتون فراهم ڪندي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار طرفان به تعزيتي بيان جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ڪندي سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته الله پاڪ بيگم ڪلثوم نواز کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي مرحوما جي خاندان کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بيگم ڪلثوم نواز هڪ بهادر عورت هئي، جنهن جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو ته ڪلثوم نواز هڪ اعليٰ شخصيت جي مالڪ هئي، منهنجو دعائون نواز شريف ۽ سندس گهرڀاتين سان گڏ آهن. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪلثوم نواز بهادر عورت هئي، جنهن جي لاڏاڻي تي ڏاڍو ڏُک پهتو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوما جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي. ان سان گڏوگڏ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪاوڙيل اڳواڻ علي رضا عابدي، عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ زاهد خان، پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاصل بزنجي ۽ ٻين به بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ۽ سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *