Friday , March 29 2024

بهاولپور: سرائڪي ديس جي پوليس ۽ انتظاميا جو به حال سنڌ جهڙو

parachinar hospital

احمد پور شرقيه سانحي ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا، فوتين ۾ هڪ ئي خاندان جا ڪيترائي ماڻهو شامل آهن، اکين ڏٺن شاهدن موجب آئل ٽينڪر صبح جو 5 لڳي 50 منٽن تي ڪلٽي ٿيو، ماڻهن فورن پهچي ٿانون ۾ تيل ڀرڻ شروع ڪيو، باهه اٽڪل هڪ ڪلاڪ کانپوءِ لڳي، تيستائين سڄي انتظاميا غائب رهي، پوليس عملدار ۽ فائربرگيڊ عملو 7 وڳي پهتو، احمد پور شرقيه جي مقامي ٿاڻي جا اهلڪار ته 8 وڳي تائين ستل رهيا، ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ بعد علائقي ۾ وڏو گوڙ ٿي ويو ۽ وڏي چرپر رهي پر انتظاميا کي خبر نه پئي، فائر برگيڊ وارا دير سان ڇو آيا؟ ماڻهو باهه ۾ سڙندا رهيا پر ڪير به کين بچائڻ وارو نه هو، مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته انتظاميا وڏي ڪوتاهي ڪئي آهي، ذميوارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن

بهاولپور: احمدپور شرقيا جي اسپتال به سنڌ جي اسپتالن جهڙي؟

 احمد پور شرقيه ۾ دردناڪ سانحو پيش آيو ته اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون ئي موجود نه هيون، احمد پور شرقيه ۽ بهاولپور جي وڪٽوريه اسپتال ۾ باهه ۾ سڙيل ماڻهن جي علاج لاءِ برنس وارڊ ئي نه هئا، جنهن ڪري زخمين کي ملتان، رحيم يار خان ۽ فيصل آباد منتقل ڪيو ويو، ڪجهه زخمي سي ايم ايڇ بهاولپور منتقل ڪيا ويا، بهاولپور جي اسپتالن ۾ عملي جي به کوٽ هئي، جنهن ڪري ڪيترائي زخمي ٻين شهرن جي اسپتالن ڏانهن منتقل ٿيڻ دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو.

bbahawalpur tanker 1

بهاولپور: قومي قيادت واقعي کي قومي سانحو قرار ڏئي ڇڏيو

ملڪ جي سياسي قيادت احمد پور شرقيه سانحي کي قومي سانحو قرار ڏيندي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جو چوڻ هو ته وڏي تعداد ۾ جاني نقصان ٿيڻ تي دلي صدمو پهتو آهي، آئون ان کي قومي سانحو سمجهان ٿو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته احمد پور شرقيه سانحي تي سڄو ملڪ سوڳوار آهي، هن پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته امدادي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺن، ان کانسواءِ (ق) ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين، جماعت اسلامي سربراهه سراج الحق، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته  متاثرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *