Friday , March 29 2024

بلڊرز جو نه پر عوام جي جانين جو تحفظ ڪنداسين، سنڌ ۾ 77 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جوڳو نه آهي: چيف جسٽس ثاقب نثار

ڪراچي ( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) چيو آهي ته چيف جسٽس ثاقب نثار سنڌ ۾ 77 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جوڳو نه آهي، بلڊرز جو نه پر عوام جي جانين جو تحفظ ڪنداسين، سپريم مورٽ ڪراچي جي محمود آباد واري علائقي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي زمين غير قانوني طور وڪرو ڪرڻ واري معاملي ۾ اڳوڻي ميئر مصطفيٰ ڪمال کي به سڀاڻي پيش ٿيڻ جو حڪم. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار، ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارتن بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي حالت ڏسي هو پريشان ٿي ويو آهي، صوبي ۾ گهڻ ماڙ عمارتون ته ٺهن پيون پر پيئڻ لاءِ صاف پاڻي موجود ناهي، پاڻي جو مسئلو واٽر بم جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارتن تي پابندي خلاف نظرثاني جي درخواستن تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته رياست جو ڪم لائنن ذريعي عوام کي پاڻي فراهم ڪرڻ آهي پر هتي رڳو عمارتن جي ڳالهه ٿئي پئي. هن چيو ته پاڻي جو مسئلو واٽر بم جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، هو ڪنهن بلڊر نه پر عوام جي جانين جو تحفظ ڪندا. چيف جسٽس چيو ته اڄ ڪراچي جي صورتحال ڏسي ڏک ٿي رهيو آهي، پلاٽن تي قبضا ۽ پاڻي نه ملڻ سبب ماڻهون نون شهرن جو رخ ڪري رهياآهن.

هن چيو ته سنڌ جي حالت ڏسي پريشان ٿي ويو آهيان، ڪاغذن تي ڄاڻايو وڃي ٿو ته سڀ ٺيڪ آهي پر زمين تي ڪارڪردگي ٻڙي آهي.ٻڌڻي دوران بلڊرز جي وڪيل منير اي ملڪ دليل ڏنو ته ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اشد ضرورت آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڏسڻو پوندو ته جنهن مقصد لاءِ پابندي لڳائي وئي، ڇا اها پوري ٿي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پاڻي نيڪالي جي نظام کانسواءِ گهڻ ماڙ عمارتن جي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته سوال ته اٿندو جڏهن ماڻهن کي بنيادي سهولتون نه ملنديون، گهڻ ماڙ عمارتون ته ٺاهي وٺو ٿا، پيئڻ جو پاڻي ڪٿي آهي، شهرين کي پاڻي ڏيڻ جو ڪم رياست جو آهي، بلڊرز جو نه.

چيف جسٽس منير اي ملڪ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان کي ٽينڪرز ذريعي پاڻي خريدڻ ۾ پريشاني ناهي؟ اسان کي انفرادي مفاد نه پر ڪراچي جي شهرين جا مفاد عزيز آهن، ان لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي طلب ڪيو آهي. درخواست گذار چيو ته بحريه، فصائيه ۽ اي ايس ايف کي عمارتون ٺاهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته انهن خلاف ڪا درخواست ايندي ته انهن کي به ڏسي وٺنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *