Tuesday , April 23 2024

بلوچستان جو ڄام صادق، عبدالقدوس بزنجو وڏ وزارت لاءِ مضبوط اميدوار

ڪراچي ( اصغر آزاد      سنڌ سماءَ چار نيوز ) بلوچستان اسيمبلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ قاف جو اڪيلو ايم پي اي عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جو ڄام صادق علي ثاني ثابت ٿيو آهي، جنهن بلوچستان ۾ سياسي بحران پيدا ڪندڙن جون دليون کتي ورتيو آهن. بلوچستان اسيمبليءَ ۾ نئين قائد ايوان جي چونڊ لاءِ ق ليگ جي قدوس بزنجو سميت 3 ڄڻن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال وارو عمل به جاري آهي. ڇنڇر تي ٿيندڙ بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ ڪئي ويندي.

بلوچستان ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اڄ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا جنهن ۾ نون ليگ جي باغي گروپ ۽ قاف ليگ جي گڏيل اميدوار عبد القدوس بزنجو  نامزدگي فارم جمع ڪرايو.

پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي جي ٻن اميدوارن عبدالرحيم زيارت وال ۽ آغا لياقت علي خان به وڏ وزارت لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايا. نئين وڏي وزير جي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو شام 5 وڳي تائين جاري رهيو. وڏي وزير جي چونڊ لاءِ بلوچستان جو اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 10هين وڳي ٿيندو، جنهن ۾ پختونخواهه ميپ ۽ نيشنل پارٽي جو ڪردار اهميت اختيار ڪري ويو آهي. واضح رهي ته بلوچستان اسميبلي ۾ نواب ثناءُ الله زهري کي وڏ وزارت جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪندڙ نواز ليگ ناراض اڳواڻ ۽ ق ليگ جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن وڏي وزير جي عهدي لاءِ عبدالقدوس بزنجو کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *