Friday , April 19 2024

بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ کي ٻي ايم ڪيو ايم ۽ عمران خان کي متحده باني قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تحريڪ انصاف کي ٻي ايم ڪيو ايم ۽ عمران خان کي ٻيو متحده باني قرار ڏيندي چيو آهي ته، پي ٽي آءِ  ڪراچي جو امن تباهه ڪرڻ چاهي ٿي. 12 مئي 2007ع تي آزاد عدليا جي جدوجهد ۾ پ پ جا ڪارڪن شهيد ٿيا، ڪراچي جي روڊن تي لاش ڪري رهيا هئا ، 12 مئي 2007ع ۾ مشرف جي ساٿارين اسان تي حملو ڪيو ۽ 11 سالن کانپوءِ مشرف جي ٻين ساٿارين اسان تي هڪ ڀيرو ٻيهر حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ حملو ڪيو. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار ڀرسان باغ قائداعظم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، 11 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي پ پ جا جيالا چيف جسٽس جي استقبال لاءِ نڪتا هئا پر 68 معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو.

جلسي کي خطزب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته، 12 مئي 2007ع تي پيدا ٿيندڙ صورتحال جو ذميوار ان وقت جو صوبائي گهرو وزير ۽ اڄوڪو ڪراچي جو ميئر آهي، پي ٽي آءِ هڪ ٻي ايم ڪيو آهي، جنهن جو ثبوت به ملي ويو، پي ٽي آءِ وارن اسان تي پٿراءُ ڪيو، اسان جون ڪئمپون ساڙيون ويون، ڪراچي اسان جو آهي ۽ اسان هتي ڪٿي به جلسو ڪري سگهون ٿا، پي ٽي آءِ جي شرمناڪ عمل باوجود ڪراچي جي امن کي ترجيح ڏني سين، اسان جلسي لاءِ سموريون قانوني پوريون ڪيون ۽ ٻن ڏينهن جي مختصر وقت ۾ جلسي جي تياري ڪئي. پ پ چيئرمين چيو ته مون کي خبر آهي ته ڪهڙي وقت ڪهڙا سانحا ٿيا ۽ ڪيئن ٿيا، انهن سانحن جو احساس مون کي آهي. هن چيو ته، منهنجي عمر ڏانهن نه ڏسو، مان ٽن نسلن جي سياسي ڪاميابين ۽ قربانين جو منشور آهيان.جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته، ايم ڪيو ايم جو ٽولو ڪراچي ۾ هر ترقياتي ڪم ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، حالت اها آهي ته اسان ڪراچي ۾ صفائي لاءِ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ٺاهيو ۽ شهر کي صاف ڪرائڻ لاءِ چيني ڪمپني سان معاهدو ڪيو، مستقل قومي مصيبت ان ڪمپني جي گاڏين ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ڪري ڇڏي ته جئين اها ڪمپني هتان ڀَڄي وڃي، اهي نه پاڻ ڪم ڪندا آهن نه وري ٻئي ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *