Friday , March 29 2024

بلالو ڀٽو زرداري پاران ايندڙ چونڊون اين اي 200 تان چونڊون وڙهڻ جو اعلان

         پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 200 لاڙڪاڻو تان چونڊ وڙهڻ جو  اعلان ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ماضي جيان هاڻي به پ پ خلاف اتحاد ٺهي رهيا آهن پر اهي ڪجهه نه ڪري سگهندا، نواز شريف ڀلي سنڌ جو دورو ڪري کيس خبر پئجي ويندي ته پ پ ڪيترو ڪم ڪرايو آهي. نئون ديرو هائوس ۾ افطار پارٽي کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 200 لاڙڪاڻو تان چونڊ وڙهندو. اميد آهي ته لاڙڪاڻي جو عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جيان کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو  ته ماضي جيان هاڻي به پ پ خلاف اتحاد ٺهي رهيا آهن، جن کي عوام جي ڪا به حمايت نه آهي، ان ڪري اهي اتحاد ڪ ڪجهه به ڪري نه سگهندا. پ پ چيئرمين چيو ته نواز شريف ڀلي سنڌ جو دورو ڪري کيس پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي جي خبر پئجي ويندي. هن چيو ته نواز شريف کان جڏهن مني ٽريل بابت پڇاڻو ڪيو ٿو وڃي ته هو مونکي ڇو ڪڍيو ويو ۽ خلائي مخلوق جي ڳالهه ڪري جند ڇڏائي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخدوم جميل پ پ ۾ آهي ۽ پ پ ۾ رهندو، سندس پارٽي ڇڏڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا به سچائي نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *