Saturday , April 20 2024

برقعي پوش دهشتگرد ڪٿي آهي؟ – الهه بخش راٺوڙ

rathoreالهه بخش راٺوڙ

سنڌ پوليس پاران جاري ڪيل فوٽيجز ۾ واضح طور تي ڏيکاريو ويو آهي ته سيوهڻ ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ صاف سٿرن ڪپڙن ۾ آهي ۽ اهو پوليس جي اکين ۾ مٽي وجهندي مزار جي اندر داخل ٿئي ٿو.هو پوليس اهلڪار جي سامهون ٻين ماڻهن سان گڏ گذري ٿو.هن جي حليئي مان صاف ظاهر آهي ته هو هٽوکٽو شخص آهي.هن کي ڪوبه برقعو پاتل ناهي ۽ هي حملي آور ڪا عورت نه پر مرد ئي آهي.جڏهن ته آئي جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ حيدرآباد جي ڊي آئي جي خادم رند چيو هو ته آپگهاتي بمبار برقعي ۾ هو.حيدرآباد جي ڊي آئي جي ته ايترو به چيو هو ته حملي آور عورت هئي.هنن ٻنهي پوليس عملدارن جي دعوائن تي ان وقت به شڪ ڪيو ويو، هاڻ به ڳالهيون هوائي لڳن ٿيون.ان مان پوليس جي ساک سامهون اچي وڃي ٿي.
هاڻ ته پوليس نوڙي مان نانگ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.هن جي باقي دعوائن ۾ ڪيتري سچائي آهي، ان تي به سوال اٿاريا ويندا.ممڪن آهي ته پوليس جي اها دعوا سهي هجي ته شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ ڪيل بم ڌماڪن ۽ سيوهڻ آپگهاتي حملي ۾ پٺيان بروهي نيٽ ورڪ هجي.اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته حفيظ بروهي گروپ ئي آهي، جيڪو بندش پيل مذهبي جماعت سان جڙيل رهيو آهي ۽ هاڻ ان جي نئين سڃاڻپ داعش طور ٿي آهي.جوهي جي ٻن يونين ڪائونسلن جي جي ٻن ملازمن جا نالا به سامهون آيا آهن، جن جو سياسي طور تي پيپلز پارٽي سان واسطو آهي.هي به اطلاع آهن ته پوليس هينئر تائين ڏهاڪو کن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي.پوليس جي اعليٰ عملدار به ڄاڻايو آهي ته حملي ڪندڙ افغاني شهري هو.ميڊيا رپورٽن مطابق ٻه سو جي لڳ ڀڳ افغان پناهگيرن کي سوگهو ڪيو ويو آهي.افغانين جو وڏو تعدادڪراچي ۾ ئي رهي ٿو، جن کي ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي.ماضي ۾ انٽيليجنس رپورٽس پڻ اينديون رهيون آهن ته ڪراچي ۾ بدامني پٺيان جتي هٿياربند گروپ رهيا آهن، جن جو واسطو سياسي پارٽين سان ظاهر ڪيو ويو، ساڳي طرح سان افغاني يا طالبان گروپ به ڏوهن جي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن.
هينئر تائين جيڪا مٿ رهي،جنهن کي چيلينج ڪرڻ گناهه سمجهو پئي ويو.اها ٽٽي پئي آهي.عام تاثر اهو ڏنو پئي ويو ته مقامي سنڌي مذهبي انتهاپسندي ۾ ملوث نه رهيا آهن.پر هي ثابت ٿيو آهي ته انتهاپسندي جي لهر کان سنڌي ڳالهائيندڙ به متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيا آهن.هينئر تائين انتهاپسنديءَ جو جيڪو نيٽ ورڪ سامهون آيو آهي، ان ۾ مقامي ماڻهو ملوث آهن.هي انتهاپسنديءَ جو نيٽ ورڪ انهن علائقن ۾ آهي، جتي آمريڪين جو اثرسوخ ڏسڻ ۾ آيو پئي.آمريڪي عملدار انهن علائقن ۾ ايندا ويندا رهيا آهن.افغانستان ۾ آمريڪي جنگ دوران ملڪ جا ست فوجي اڏا استعمال ڪيا ويا، يا وري مشرف جي دور ۽ ان کان اڳ ۾ اهي فوجي اڏا آمريڪين کي ليز تي ڏنا ويا هئا.انهن ۾ جيڪب آباد جو شهباز ايئر بيس به آمريڪي فوج جي استعمال هيٺ هو.جيڪب آباد ۽ ان جي آسپاس ۾ انتهاپسندن به پنهنجو گهيرو تنگ ڪيو.جيڪب آباد کان وٺي شڪارپور،سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهداد ڪوٽ جي هڪ حصي کان وٺي گهوٽڪي تائين انتهاپسند قوتن کي منظم ڪيو ويو.جنهن انداز سان انتهاپسنديءَ ، مزار ن جو استعمال، فرقيوار دهشتگردي ۽ طالبانائيزيشن کي هٿي ڏني وئي، ان مان ڳجهن هٿن جا خطرناڪ ارادا ظاهر ٿيا.هاڻ انهن علائقن ۾ مدرسن جو مضبوط ڄار وڇايوويو آهي، جتي پشتو ، سرائيڪي، پنجابي سان گڏ سنڌي ڳالهائيندڙ طالبان جي اڪثريت ڏسڻ ۾ اچي ٿي.هڪڙو زمانو هو، جو افغانستان ۾ آمريڪا جي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ هڪ مذهبي جماعت کي همٿايوهو ته اها پنهنجا ويڙهاڪ موڪلي، ان کانپوءِ ڊالرن پنهنجو جادو جاڳايو ۽ ڪيترائي انتهاپسند افغانستان پهتا.افغانستان جيڪا دهشتگرديءَ جي نرسري ثابت ٿي، ان آمريڪا ۽ يورپ سميت سموري دنيا کي ان جي قيمت ادا ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
جنهن وقت سيوهڻ ۾ آپگهاتي حملو ڪيو ويو، اهو پنجون ڏينهن هو،جو ست وڏا حملا ٿي ويا.ملڪ جي مختلف حصن ۾ دهشگرديءَ جي لهر آئي، جنهن کان سنڌ به متاثر ٿي.قلندر شهباز جي مزار جيڪا هزارين سوالين جو مرڪز رهي ٿي، اتي حملو ساڳي انداز جو آهي، جنهن نوعيت جو شڪارپور جي امام بارگاهه ۾ ڪيو ويو.هاڻ پاڻ پوليس چئي ٿي ته آپگهاتي جيڪيٽ به ساڳي نيٽ ورڪ ٺاهي.شڪارپور جي سانحي کي هيترو عرصو گذري ويو، پر دهشتگرديءَ جي نيٽ ورڪ کي هٿ به نه لاتو ويو.سول سوسائٽي جنهن انداز سان قلندر جي مزار تي شهيدن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سموري سنڌ کي پيغام ڏنو ته هي ٻه چار دهشتگرد سنڌ جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن.هي حقيقت آهي ته سنڌ جي عوام کي حوصلو ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ هي انتهائي اهم ڪم آهي،جيڪو اسان جا دوست ڪري رهيا آهن،پر انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جي جيستائين پاڙ نٿي پٽي وڃي، تيستائين هي وائرس ڦهلبو رهندو.ان جي خاتمي لاءِ وڏي تحريڪ جي ضرورت آهي.ان حوالي سان سنڌ حڪومت کي به پنهنجو فرض نڀائڻ گهرجي.سنڌ حڪومت جن مدرسن کي دهشتگردي جو ذريعو قرار ڏنو.جن مدرسن تي پابندي مڙهڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکيو ويو، انهن خلاف پاڻ ڪارروائي ڪري.سموري انٽيليجنس نيٽ ورڪ کي سرگرم ڪيو وڃي ۽ اها کوج لڳائي وڃي ته هن وقت اهي دهشتگرد ڪٿي ڪٿي موجود آهن.انهن جا مددگار ڪير آهن؟ انهن جي سگهه ڪيتري وڌي وئي آهي؟ جيڪڏهن انهن ۾ هٿ نه وڌو ويو ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟
هي درست ڳالهه آهي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين جيڪي مدرسا موجود آهن، اهي سمورا دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث نه آهن.پر ملڪ ۾ انتهاپسندي جي لهر اڪثر مدرسن کي متاثر ڪيو آهي.هينئر ڪيترائي اهڙا مدرسا موجود آهن،جيڪي فرقيواريت کي هٿي وٺرائي رهيا آهن.اهي ٻار جيڪي مقدس تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا، قرآن پاڪ پڙهن ٿا، انهن کي پهريون سال ته فرقيواريت نفرت سيکاري وڃي ٿي، جيڪا انتهائي خطرناڪ ڳالهه آهي.معصوم ٻارڙن جي جذبن کي ايڪسپلائيٽ ڪيو وڃي ٿو.انڪري ڪيترائي اهڙا والدين آهن، جيڪي پنهنجن ٻارڙن کي مذهبي تعليمي ڏيارڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.هي به حقيقت آهي ته سنڌ حڪومت وٽ انتهاپسنديءَ جي حوالي سان ڪافي معلومات آهي، پر اها انهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لهرائي رهي آهي.ان جو هڪڙو ئي حل آهي ته پهريان مدرسن جي انتظاميا جي اڳيان معاملا واضح طور تي رکيا وڃن، ان کانپوءِ ڪارروائي جي شروعات ڪئي وڃي.اهي ڌريون جيڪي فرقيواريت کي هٿي وٺرائن ٿيون، انهن کي ڪنهن به مذهبي اسڪول قائم ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي.فرقيواريت جي هن لهر کي جيستائين نه روڪيو ويندو، تيستائين دهشتگردي جنم وٺندي رهندي.تازوئي قلندر شهباز جي مزار تي جيڪو حملو ٿيو، ان کانپوءِ ڪجهه مذهبي گروپن کي خوشيون ملهائيندي ڏٺو ويو.انهن وري اهو چوڻ شروع ڪيو ته جيڪي شهيد ٿيا، انهن کي پنهنجن اعمالن جي سزا ملي! هنن مٿ موڙهن کي معصوم انسانن سان ڪابه همدردي نه هئي، جيڪي دهشتگرديءَ جو کاڄ ٿيا.هاڻ ته اهو بحث عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيڪي مزارن تي وڃن ٿا، اهي اهو ڪم ڇڏين يا وري دهشتگرديءَ کي منهن ڏين. هي ماڻهن جي دل جي ڳالهه آهي، انهن کي ايستائين روڪي نٿو سگهجي، جيستائين هو پاڻ پنهنجو برو ڀلو نٿا سمجهن،تعليم جي اچڻ سان وڌيڪ بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي.پر جيڪڏهن دهشتگرديءَ جي لهر کي برقرار رکيو ويو ته سموري دنيا ۾ سنڌ جو نالو بدنام ٿيندو.هاڻ سوشل ميڊيا تي اهي طعنا ملڻ شروع ٿيا آهن ته سنڌي جيڪي صوفي ۽ سيڪيولر آهن، انهنکي ڇا ٿيو آهي، جو پنهنجن ماڻهن کي ماري رهيا آهن!هي ڀٽڪيل روح آهن، انهن کي هڪ خاص ايجنڊا ڏني وئي آهي، انهن کي مايا آڇي وئي آهي.ڪي ته ان دهشتگردي کي پنهنجو مذهبي فرض سمجهن ٿا.هي سموري دهشتگرديءَ جي لهر سنڌ جي سماجي تاڃي پيٽي کي تباهه ڪري سگهي ٿي،انڪري حڪومت، انتظاميا ، سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي کي گڏجي انتهاپسنديءَ خلاف اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي ۽ انهن سمورن مرڪزن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جتان هي بمبار اچن ٿا، خاص ڪري بلوچستان ۽ پنجاب سان لڳندڙ سرحدي علائقن تي ڪرڙي نظر رکڻ جي سخت ضرورت آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *