Thursday , March 28 2024

بدين: شهيد فاضل راهو جي 30 هين ورسي ملهائي وئي

بدين: شهيد فاضل راهو جي 30 هين ورسي گولاڙچيءَ ۾ ملهائي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته شهيد فاضل راهو هارين جي حقن لاءِ جدو جهد ۾ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏي. شهيد فاضل راهو جي ورسي جي موقعي تي قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن بعد شهيد فاضل راهو جي پٽ ۽ نواز ليگ ايم پي اي اسماعيل راهو، گهرڀاتين ۽ ساٿين سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي اسماعيل راهو چيو ته شهيدفاضل راهو ڪنهن فرد نه پر هڪ تحريڪ جو نالو آهي، هو مسلسل جدو جهدجي علامت هو، شهيد فاضل راهو يادگار ڪميٽيءَ جي ڪنوينر اسلم راهو چيو ته شهيد فاضل راهو غريبن، پورهيتن ۽ هارين جي حقن لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندڙ اڳواڻ هو. پروفيسر عبدالله ملاح چيو ته شهيد فاضل راهو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جيل جون تڪليفون برداشت ڪيون. آخر ۾ راڳ جي محفل پڻ ٿي، جنهن ۾ سريلي راڳي الهڏنو جوڻيجو ۽ مٺو مهيري قومي گيت ڳائي شهيدفاضل راهو کي ڀيٽا پيش ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *