Tuesday , April 23 2024

بحريه ٽائون کي غير قانوني زمينون ڏيڻ وارو ڪيس، شرجيل ميمڻ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو

Sharjeel memonBahria Town2
سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست بچاءَ واري وڪيل جي غير حاضري سبب ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ جي سڌ سماءَ جي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ تي ملير جي سرڪاري زمين ۽ ٻيلي کاتي جي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جي جاچ هلندڙ آهي.
شرجيل ميمڻ جي وڪيل ضمانت ۾ واڌ واري درخواست ڏني هئي پر ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو ته شرجيل ميمڻ جي طبيعت خراب آهي، جنهنڪري عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي.
ٻڌڻي ۾ عدالت جي جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شرجيل ميمڻ کي ٻيهر ضمانت ڏني وئي ته اهو عدالت سان مذاق هوندو.
ملير ضلعي جي زمين بحريه ٽائون کي ڏيڻ واري معاملي جي ٻڌڻي دوران ڊي سي ملير محمد علي شاهه به ضمانت جي درخواست ڏني هئي، پر عدالت بچاءَ واري وڪيل جي غير حاضري سبب عارضي ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *