Friday , March 29 2024

” باڪمال سنڌ حڪومت جي بي مثال ڪارڪردگي “ سنڌ جي 14 ضلعن جي شهري انساني پائخانو ۽ ٻيو گند مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور – هاڻي انتهائي سخت حڪم ڏيڻا پوندا:جسٽس اقبال ڪلهوڙو

Iqbal kalhoroGutter 4

ڪراچي: سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل سنڌ واٽر ڪميشن ۾ اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ جي 14 ضلعن جا رهواسي گٽرن جي گند وارو مليل پاڻي پي رهيا آهن، ڪراچي ۾ پاڻي جي 33 سيڪڙو نمونن ۾ سيوريج جو پاڻي شامل آهي ۽ شهر جو 90 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي لاءِ نقصان ڪارقرار ڏنو ويو آهي. ٿرپارڪر ضلعي جا رهواسي گهٽ ۾ گهٽ پائخانو مليل پاڻي واپرائن ٿيا. ميرپور خاص ۾ 28 سيڪڙو، ٽنڊي الله يار ۾ 23، بدين ۾ 33، ڄامشوري ۾ 36، ٽنڊي محمد خان ۾ 30، حيدر آباد ۾ 42، لاڙڪاڻي ۾ 60 سيڪڙو پاڻي جي نمونن ۾ انساني پائخانو مليل پاڻي واپرائي رهيا آهن. صحت کاتي ۽ مڪاني ادارن جي سيڪريٽرين پاران اختيار نه هجڻ جو عذر ڄاڻائي جان ڇڏائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل. سنڌ واٽر ڪميشن جي سربراهه ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو آهي ته هاڻي انتهائي سخت حڪم جاري ڪرڻا پوندا.

ڪميشن جي ٻڌڻي ۾ ٽاسڪ فورس جي رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن موجب شهر ۾ ڪنهن به جاءِ تي صاف پاڻي ناهي ملي رهيو ۽ سڄي سڄي رات ڪلورين ملائڻ کان سواءِ ئي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي. ماحوليات جي ماهر ڊاڪٽر مرتضيٰ ٻڌايو ته فلٽريشن پاڻي سان گڏ گندو پاڻي به مڪس ٿي رهيو آهي. ڊپٽي ايم ڊي واٽر بورڊ اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ 19 ماڳن تي پيئڻ جي پاڻي ۾ سيوريج جون لائينون ملي ويون آهن جڏهن ته عمارتن ۽ گهرن جي زميني پاڻي جا ٽينڪ ڪيترن ئي سالن کان صاف ناهن ٿيا.  جسٽس اقبال ڪلهوڙي پڇاڻو ڪيو ته ماڻهو لائينن جي پاڻي سان وضو ڪندا آهن ته ڇا اهو گندو پاڻي وضو جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. واٽر ڪميشن شهرين کي گندو پاڻي فراهم ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي فلٽريشن پلانٽ جو ڇا فائدو جيڪو ماڻهن کي صاف پاڻي ئي نه ڏئي سگهندا هجن. ٽاسڪ فورس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ اسپتالن کي ملندڙ 88 سيڪڙو پاڻي جا نمونا به صحت لاءِ هاڃيڪار آهن.

Gutter 5

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ جي 14 ضلعن جي 71 اسپتالن مان به پاڻي جا نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، سڀ کان گهٽ انساني پائخاني وارو پاڻي ٿرپاڪر ۾ مليو، ميرپور خاص ۾ 28 سيڪڙو، ٽنڊي الله يار ۾ 23، بدين ۾ 33، ڄامشوري ۾ 36، ٽنڊي محمد خان ۾ 30، حيدر آباد ۾ 42، لاڙڪاڻي ۾ 60 سيڪڙو پاڻي جي نمونن ۾ انساني پائخانو مليو. ان موقعي تي واٽر ٽينڪر ايسوسيئيشن چيو ته ڪراچي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ غير قانوني هائيڊرنٽس آهن، عدالتي ڪيشن ايم ڊي واٽر بورڊ کان پڇيو ته ڇا توهان غير قانوني هائيڊرنٽس هلائي رهيا آهيو. ايم ڊي واٽر بورڊ اعتراف ڪيو ته غير قانوني ڪنڪشن ڏيڻ ۾ اسان جو عملو به ملوث آهي جنهن بعد واٽر ڪميشن ٻڌڻي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 ڪميشن ۾ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو ٻڌايو ته، ايس 3 اسڪيم تي ڪم جاري آهي جيڪا سيپٽمبر تائين مڪمل ٿي ويندي، ان جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شهر ۾ صاف پاڻي فراهم ٿي سگهندو. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته 4 يا 5 نالن ۾ صنعتن جو گندو پاڻي شامل ٿي رهيو آهي ته سياسي اثر رسوخ سبب ڪميشن جي حڪمن تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو سوال ڪيو ته ڇا اسان جي حڪم تي عمل نه ڪندڙن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ ڪميشن سوال ڪيو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ ون ۽ ٽو ڪيستائين فعال ٿيندا؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري ٽي پي ون ۽ ٽي پي ٽو رپورٽ جمع ڪرائي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پلانٽ جي مشنري ٻاهران گهرائڻي آهي. ايندڙ سال جنوري ۾ فعال ٿي ويندي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ٽريٽمينٽ پلانٽ ٽو ۾ ڪافي مسئلا آهن. ٽريٽمينٽ پلانٽ ٽو جي زمين تي هزارين ماڻهو آباد آهن. واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جو مسئلو ايندڙ ٻڌڻي تائين حل ڪيو ويندو. ڪميشن آڏو ڊي ايم ٽيڪنيڪل بورڊ جو چوڻ هو ته فلٽر پلانٽ تي ڪافي ڪم ٿي ويو آهي. ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته توهان فلٽر پلانٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيو، ان جو ڪوبه فائدو نه آهي. توهان پاڻي ۾ ڪلورين ملائي رهيا آهيو پر عوام کي صاف پاڻي نه ملي رهيو آهي. توهان جا چوڪيدار رات جو ڀڄي وڃن ٿا، ڊي ايم ٽيڪينڪل چيو ته چوڪيدار ڀڄي وڃڻ واري ڳالهه ۾ صداقت ناهي، ڪميشن جي سربراهه چيو ته هڪ رات اسان چيڪ ڪنداسين ته توهان جا چوڪيدار موجود هوندا آهن يا نه؟. ڪميشن جي سربراهه وڌيڪ چيو ته صاف پاڻي سان گڏ نظام مڪمل طور تي بهتر هجڻ گهرجي. ڪميشن چيو ته توهان صرف ٽريٽمينٽ پلانٽ بابت رپورٽ پيش ڪندا آهيو پر شهرين کي گندو پاڻي ملندو آهي. ڊي ايم ڊي ٽيڪنيڪل چيو ته ڪراچي ۾ سخي حسن ۽ پي آءِ بي ڪالوني کان علاوه ٻين علائقن ۾ پاڻي صاف آهي. ڪميشن چيو ته سيمپل چيڪ ڪرايا وڃن. هن چيو ته اسان کي ٽائم ڏنو وڃي. ڪميشن چيو ته 4 مهينا ڏنا هئا، ان ۾ توهان ڇا ڪيو آهي؟. ماحوليات جي ماهر ڊاڪٽر مرتضيٰ ٻڌايو ته فلٽريشن پاڻي سان گندو پاڻي به گڏجي رهيو آهي. ڪميشن ريمارڪس ڏنا ته رپورٽن جي برعڪس عملي قدم نه پيا کنيا وڃن. پاڻي فراهمي ۽ نيڪال لاءِ 4 مهينن ۾ ڪا بهتري ناهي آئي. مسئلن جي حوالي سان ڪيتريون درخواستون ملي رهيون آهن.

Gutter 2Gutter 3

ان موقعي تي ڪميشن ۾ شهرين به هائيڊرنٽس خلاف درخواست جمع ڪرائي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڏکڻ ضلعي ۽ ملير ۾ ڪيترائي غير قانوني هائيڊرنٽس هلي رهيا آهن. واٽر بورڊ جو عملو غير قانوني هائيڊرنٽس ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، جنهن تي ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي ڪميشن کي ٻڌايو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته غير قانوني هائيڊرنٽس جو خاتمو ڪيو وڃي. قانوني هائيڊرنٽس ۾ ميٽر سسٽم جو نفاذ ڪيو ويو آهي. هائيڊرنٽس کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهيون. سائيٽ ۾ لائين مان غير قانوني ڪنيڪشن حاصل ڪيا ويا. ڪنيشن هڪ ايم پي اي زبردست ڏياريو، مان ان ايم پي اي جو نالو به لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اسان جي ٽيم لائن بند ڪرڻ وئي ته کين اغوا ڪيو ويو ۽ پٿراءُ به ڪيو ويو. جوابدار کي پوليس ۽ هيٺين عملي جي مدد حاصل آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ عدالت کان استدعا ڪئي ته پوليس کي غير قانوني ڪنيڪشن وٺندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي. جنهن تي ڪميشن ريمارڪس ڏنا ته ڪٿي غير قانوني هائيڊرنٽس ٿيا ته علائقي جو ايس ايس ايس پي به ذميوار هوندو. ڊپٽي ايم ڊي واٽر بورڊ اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ 19 هنڌن تي پيئڻ جي پاڻي ۾ سيوريج جون لائينون ملي ويون آهن، جڏهن ته عمارتن ۽ گهرن جي زميني پاڻي جا ٽينڪ ڪيترن ئي سالن کان صاف نه ٿيا آهن. جسٽس اقبال ڪلهوڙي پڇاڻو ڪيو ته ماڻهو لائينن جي پاڻي سان وضو ڪندا آهن ته ڇا اهو گندو پاڻي وضو جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. واٽر ڪميشن شهرين کي گندو پاڻي فراهم ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي فلٽريشن پلانٽ جو ڇا فائدو جيڪو ماڻهن کي صاف پاڻي ئي نه ڏي، صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪميشن آڏو چيو ته مون کي چوڪيدار بدلي ڪرڻ جو اختيار نه آهي، ان باوجود اسان موجود اختيان تحت ڪم ڪري رهيا آهيون.

Gutter 1

ڪميشن چيو ته اسپتالن مان پاڻي جا سيمپل چيڪ ڪرڻ سان پاڻي جو زرلٽ تمام گهڻو خراب آيو آهي. صحت کاتي جي سيڪريٽري چيو ته ڪجهه هنڌن تي پاڻي بنا فلٽر جي اچي رهيو آهي. هن چيو ته اسان پاڻي جو معاملو حل ڪري رهيا آهيو. پي سي آر ڊاڪٽر مرتضيٰ ڪميشن کي چيو ته توهان اهڙو آرڊر پاس ڪريو، جنهن سان سڀ ماڻهو ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن. هن چيو ته مريضن کي اهڙو پاڻي پياريو ويندو آهي، جيڪو جيڪڏهن جانور پين ته مري وڃن. هن چيو ته ڊاڪٽر منرل واٽر استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته ساڳي ئي اسپتال ۾ مريض گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور هوندو آهي. ڪميشن چيو ته صورتحال اهڙي رهي ته اسان کي سخت آرڊر جاري ڪرڻو پوندو.واٽر ڪميشن ايندڙ ٻڌڻي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪميشن درخواستگذار شهاب اوستو جي غير حاضري سبب ايڊووڪيٽ جنرل کي 29 جولاءِ جو توهين عدالت واري معاملي بابت دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرن کي روزاني جي بنياد تي پاڻي چيڪ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو. ڪميشن جي اجلاس دوران واٽر بورڊ جي اختيارين جو چوڻ هو ته پاڻي ۾ هر مهيني هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو ڪلورين ملايو وڃي ٿو. جڏهن ته اهو پڻ انڪشاف ٿيو ته شهر جي مختلف علائقن مان حاصل ڪيل پاڻي جي نمونن ۾ ڪلورين شامل نه آهي، شهر جي 40 سيڪڙو آبادي کي ٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پڻ ڪلورين استعمال نه ٿي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *