Friday , April 19 2024

باقراڻي: موهن جو دڙو ويجهو محبڻ شاهه پتڻ وٽ ٻيڙي اونڌي، ٻڏي ويل 40 مان 30 ڄڻن کي بچايو ويو، 2 لاش هٿ ٻين جي ڳولا جاري

Boat Dead2 Boat Dead1

موهن جو دڙو ڀرسان سنڌو درياءَ جي محبڻ شاهه پتڻ وٽ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي 40 کان وڌيڪ ماڻهن مان 30 ڄڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت رات جو ي ڪناري تي پهچي ويا هئا، جڏهن ته اڃا تائين 10 کان وڌيڪ گم آهن. علائقي واسين ٻن ڄڻ جا لاش هٿ ڪري ورتا آهن.

جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات دير سان موهن جودڙو ۽ سڳيون شهر کي پاڻ ۾ ملائيندڙ محبڻ شاهه پتڻ وٽ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن جو تعداد 50 جي لڳ ڀڳ هو، جيڪا پتڻ وٽ پهچڻ مهل ان وقت اونڌي ٿي پئي جڏهن ماڻهن ٻيڙي مان لهڻ شروع ڪيو. ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو ۽ ان سان گڏ موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان ڀريل هجڻ ڪري وزن هڪ پاسي ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ ٻيڙي اونڌي ٿي پئي.

Boat dump

محبڻ شاهه پتڻ تي موجود ماڻهن جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ترڻ ڄاڻندا هئا اهي سڀ پاڻ تري نڪري آيا ۽ جيڪي ماڻهو ترڻ نه ڄاڻندا هئا اهي ٻڏي ويا آهن. بچي ويل ماڻهن جو چوڻ آهي ته هڪ اندازي مطابق 10 کان 15 ماڻهو ٻڏي ويا آهن جن جو ڪو به ڏس پتو نه آهي. ٻڏي ويل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن رات جو اونداهي ۽ روشني جو بندوبست نه هجڻ جي نتي ۾ شروع نه ٿي سگهيو، جيڪو ڇنڇر جي صبح جو شروع ڪيو ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪمشنر لاڙڪاڻو سميت لاڙڪاڻي جي ضلعي انتظاميا ريسڪيو آپريشن جي سلسلي ۾ تڪڙا اپاءَ نه ورتا، جڏهن ته صبح جو ڪمشنر سکر عباس بلوچ پاڪ نيوي جي ٽوٻن جي مدد وٺي ٻڏي ويل ماڻهن جي ڳولا جو ڪم شروع ڪيو آهي.

هن وقت تائين ٻڏي ويل ماڻهن مان ٻن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جن مان هڪ جو واسطو ڪنڊياري  جي ڳوٺ بهڻ سان ٻڌايو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *