Thursday , March 28 2024

اڳوڻي گهرو وزير سهيل انور سيال کانپوءِ منظور وساڻ ۽ ناصر شاهه جا به اقام نڪري آيا

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اڳوڻي صوبائي وزير منظور  وساڻ ۽  سڌ سماءَ واري وزير  ناصر شاهه جي اهليت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، جنهن ۾يو اي اِي جو اقامو لڪائڻ کي بنياد بڻائي پ پ اڳواڻن کي ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواستگذار پنهل ٽالپر صوبائي وزير (اڳوڻو) منظور وساڻ جي اهليت کي چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته منظور وساڻ گڏيل عرب امارات جو اقامو رکي ٿو ۽ دبئي جي ڪمپني ۾ 25 سيڪڙو جو حصيدار آهي، منظور وساڻ 2013ع جي عام چونڊن لاءِ جمع ڪرايل پنهنجي نامزدگي واري ڪاغذن ۾ ان جو ڪو ذڪر نه ڪيو، تنهن ڪري هو هاڻ صادق امين ناهي رهيو.

 درخواست گذار عدالت کي درخواست ڪئي ته منظور وساڻ کي ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪي کائنس سرڪاري سهولتون واپس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير (اڳوڻي وزير) ناصر شاهه خلاف به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواستگذار محمد زبير جتوئي   درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 2009ع کان وٺي ناصر شاهه گڏيل عرب امارات جو اقامي هولڊر ۽ اتي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري ٿو، ناصر شاهه 2013ع جي چونڊن لاءِ جمع ڪرايل نامزدگيءَ واري ڪاغذن ۾ ان جو ڪو ذڪر نه ڪيو، تنهن ڪري هو هاڻ صادق امين ناهي رهيو. درخواستگذار عدالت کي استدعا  ڪئي ته ناصر شاهه کي 2013ع کان نااهل قرار ڏئي 2018ع جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *