Thursday , March 28 2024

اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر تي ڀاءُ پاران جعلي سازي جو ڪيس داخل

لاهور(سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان يج پرڏيهي معاملن واري وزارت جي پرڏيهي وزير حنا رباني کر تي سندس ئي ڀاءُ پاران جعلي سازي جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. حنا رباني کر جي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ ۽ والد تي جعلسازي جو ڪيس داخل ڪرائي  ڇڏيو آهي. حنا رباني کر جي ڀاءُ عبدالخالق کر پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ فراڊ، جعلسازي سميت ٻيون شقون شامل ڪيون ويون آهن. عبدالخالق کُر الزام هنيو ته جوابدارن جعلسازي سان غير غير قانوني طور تي زمين پنهنجي نالي منتقل ڪرائي. اينٽي ڪرپشن پوليس مظفر ڳڙهه معاملي جي جاچ ڪئي ۽ فراڊ ثابت ٿيڻ تي ڪيس داخل ڪري ورتو. ان سان گڏگڏ اهو به معلوم ٿيو آهي ته، اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر ۽ سندس والد پ پ جي ايم اين اي نور رباني کر سميت 28 ماڻهن خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ جعلسازي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *