Saturday , April 20 2024

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ سندس ويجهي ساٿي امتياز ملاح، آغا سراج دراني ۽ وسيم اختر خلاف انڪوائري ٿيندي

اسلام آباد ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) نيب سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد قائم علي شاهه، سندس ويجهي ساٿي امتياز ملاح جاچ جي منظُري ڏئي ڇڏي، نيب اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج درارني، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ويجهي ساٿي امتياز ملاح، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر۽ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي سربراهي ۾ جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي جاچ انڪوائري جي منظور ڏني آهي.اجلاس ۾ ملڪ اندر 14 مختلف انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ نيب چيئرمين سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، ميئر ڪراچي وسيم اختر ۽ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ خلاف انڪوائريز جي منظوري ڏني. نيب چيئرمين پاران سنڌ جي وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار امتياز ملاح، دلاور حسين ميمڻ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيپڪو سکر نظير سومرو خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته ميگا ڪرپشن جو خاتمو نيب جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ احتساب سڀني لاءِ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون، ملڪ مان ڪرپشن جو مڪمل خاتمو آندو ويندو.

ڪراچي(اصغر آزاد سنڌسماءَچار) امتياز ملاح بابت سنڌ سماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، هُو اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سندس نياڻي ۽ ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جج فرنٽ مين طور مختلف ڪاروبار ڪندو آهي. خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي ۾ سرڪاري زمينون به ان جي نالي تي ليز تي يا وري کڻت تي وريون آهن. ذريعن موجب اها ملڪيت اصل ۾ نفيسه شاهه ۽ سيد قائم علي شاهه جي آهي.

(امتياز ملاح خلاف نيب جي انڪوائري بابت سنڌ سماءَچار ايڪسڪليوزو رپورٽ 17 هين مارچ 2018 تي شايع ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ ٻين ماڻهن جا به نالا شامل هئا.)

ان خبر جي لنڪ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ سندس ويجهي ساٿي امتياز ملاح، آغا سراج دراني ۽ وسيم اختر خلاف انڪوائري ٿيندي

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *