Friday , March 29 2024

اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم خلاف ڪرپشن ڪيسز جي جاچ ختم

ڪراڇي( رپوٽر   سنڌسماءَچار) اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ ڊويز، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم خلاف هلندڙ ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا آهن، اينٽي ڪرپشن پاران اهڙي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ بعد عدالت ارباب رحيم پاران کيس هيسائڻ واري درخواست اڪلائي ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي هيسائڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. اينٽي ڪرپشن جي عملدارن پاران جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ارباب رحيم خلاف ڪيس تي  جاچ  ختم ڪئي وئي آهي.

اينٽي ڪرپشن کاتي جي نمائندي جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته درخواست ۾ جنهن جاچ جو ذڪر ڪيل آهي اها ڪنهن  ثبوت نه ملڻ بعد بند ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ارباب غلام رحيم جي وڪيل چيو ته هي انڪوائري بند ڪري وري ٻي شروع ڪئي ويندي. اڳوڻي وڏي وزير جي وڪيل پاران ٻي انڪوائري شروع ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪرڻ بابت اينٽي ڪرپشن عملدارن ٻڌايو ته ٻي ڪا به انڪوائري ناهي نه ئي هاڻ ارباب رحيم کي حراسان ڪيو ويندو. اينٽي ڪرپشن کاتي جَي عملدارن جِي اهڙي خاطري ڪرائڻ کان پوءِ عدالت اڳوڻي وڏي وزير جي درخواست اُڪلائي ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *