Thursday , April 25 2024

اڳوڻي صوبائي وزير امداد پتافي ۽ اڳوڻي ايم پي اي اورنگزيب پنهور کان وٽرز جا سوال

جيڪب آباد / ٽنڊو الهيار/نوشهروفيروز(رپورٽرز     سنڌسماءَچار) پنجاب ۾ ن ليگ ۽ سنڌ ۾ پ پ سميت ٻين اميدوارن جي کان سندن تڪن جي وٽرز پاران ڪارڪردگي بابت پڇاڻي وارو عمل جاري آهي. پي ايس 61 تي پ پ جو نامزد اميدوار امداد پتافي ڳوٺ شاديون والهاري پهتو،  جتي ڪارنر گڏجاڻي  بدنظمي جي ور چڙھي وئي. ڳوٺاڻن اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ جي اميدوار امداد پتافي کان پڇاڻو ڪيو ته، 2013 کان ۾ هنن کيس ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ۽ هُو ايم پي چونڊجي وزيصر به بڻيو پر هن ڪڏهن به مُڙي تڪ جو منهن نه ڏٺو، خاص طور تي سندن ڳوٺ جا مسئلا حل ڪرڻ وارا وعدا ڄڻ کيس ياد ئي نه هئا. ڳوٺاڻن چيو ته اسان کي بيروزگار هجڻ باوجود ڪو به روزگار نه ڏنو ويو. جنهن تي امداد پتافي ڪاوڙجي ڪارنر گڏجاڻي مان اٿي هليو ويو.

ساڳئي طرح سان نوشهرو فيروز جي پي ايس 33 تي پ پ جي اميدوار سيد سرفراز شاهه ۽ اين اي 211 تي پ پ جي اميدوار سيد ابرار شاهه کان ڳوٺاڻن سخت پڇاڻو شروع ڪري ڏنو. ڳوٺاڻن جي سوالن تي پ پ اميدوار سرفراز شاهه ۽ ابرار شاهه چونڊ مهم لاءِ ڳوٺ سانوڻ سهتو ۾ پهتا ته ڳوٺاڻن پڇاڻو ڪيو. ڳوٺاڻن اڳوڻي ايم پي اي سرفراز شاهه کي چيو ته سندن ڳوٺ ۾  5 سالن دوران روڊ ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ناهن ڪريا ويا. ڳوٺاڻن چيو ته هاڻي ووٽ وٺڻ بهاني اسان کي منهن ڏيکارڻ آيا آهيو، ٻنهي اميدوارن ڳوٺاڻن کي ڪو به جواب نه ڏنو ۽ واپس روانا ٿي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *