Friday , April 19 2024

اڳوڻي خاتون اول بيگم ڪلثوم نواز جي زندگي جو سفر

لاهور ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) لنڊن جي جي اهنرلي اسٽريٽ اسپتال ۾ 68 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويل ٽي ڀيرا خاتون اول رهندڙ ۽ ڪڏهن به حڪومتي عهدو نه رکندڙ پنجاب مشهور پهلوان، گاما پهلوان جي پوٽي بيگم ڪلثوم نواز1950 ۾ لاهور ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم البنات مدرسي مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ گريفن اسڪول لاهور مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. بيگم ڪلثوم نواز اسلاميه ڪاليج مان ايف ايس سي ڪرڻ بعد ايف سي ڪاليج لاهور مان بي ايس سي جو امٿحان پاس ڪيو. ڪلثوم نواز بي اي پنجاب يونيورسٽي مان ڪئي ۽ تعليم دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سندس مڱڻي ٿي. بيگم ڪلثوم نواز جي ڀاءُ عبدالطيف جي شادي پڻ شريف خاندان مان ٿي ۽ اها ئي مٽي مائيٽي اڳتي هلي اپريل 1971 ۾ نواز شريف ۽ سندس شادي جو سبب بڻي. ڪلثوم نواز کي عملي سياست سان ڪا به دلچسپي نه هئي . ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف جي مارشل  لا بعد جڏهن نواز شريف کي جيل وڃڻو پيو، تڏهن سندس آزادي لاءِ مهم هلائي وئي تڏهن ان ۾ ڪلثوم نواز سياسي ميدان حصو ورتو. 22 جون 2000 ۾ کيس مسلم ليگ جو وقتي صدر بڻايو ويو ۽ هوءَ ٻن ورهين تائين پارٽي جي صدارت ڪندي رهي. نواز شريف جي گرفتاري خلاف هن ڪاروان تحفظ پاڪستان ريلي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي بنياد کيس 8 جولائي 2000 تي نظربند ڪيو ويو. بيگم ڪلثوم نواز ڪجهه ليگي ڪارڪنن سان گڏ انڊر پاس ذريعي جيل روڊ پهتي جتان پوليس سندس گاڏي کي ڪرين ذريعي جي او آر کڻي وئي ۽ اتان کيس گرفتار ڪيو ويو. مسلم ليگ نواز شريف جي نااهلي بعد بيگم ڪلثوم جي خالي سيٽ اين اي 120 تي ننڍي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. پر چونڊن کان اڳ ئي کيس جون 2017 ۾ بيماري سبب لنڊن منتقل ڪيو ويو  ۽ هن جي چونڊ مهم سندس نياڻي مريم نواز هلائي ۽ هن ڪاميابي پڻ ماڻي.  ڪلثوم نواز کي گذريل ڏينهن ٽيون ڀيرو طبعيت خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو پر علاج دوران سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هوءَ مالڪ حقيقي سان وڃي ملي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *