Friday , April 19 2024

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف نااهل ٿيڻ کانپوءِ 2 آڪٽوبر تي جوابدار به ٿي ويندو..!!

Nawaz

اسلام آباد: اڳوڻو وزيراعظ۾ منوازشريف پاناما ڪيس ۾ نااهل ٿيڻ بعد سندس خلاف نيب ۾ داخل ڪيل ڪرپشن ريفرنسز ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن ۾ عدالت ساڻس گڏ آيل وزيرن، مشيرن ۽ اڳواڻن جي گهڻائي سبب عدالت کيس گهڻو وقت ترسڻ بدران واپس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت نااهل بڻيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف 2 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

نواز شريف جي پيشي جي موقعي تي عدالت اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي عملي ۽ ميڊيا جي رش جي ڪري جج کي چوڻو پئجي ويو ته اوهان جي حاضري لڳايون ٿا هاڻ اوهان کي اجازت آهي، جج رمارڪس ڏنا ته نواز شريف کي ان ڪري وڃڻ جي اجازت ڏيون ٿا ته جيئن رش گهٽجي ۽ ڪيس هلي سگهي. نواز شريف عدالت ۾ پنهنجي وڪالت نامي تي صحيحون ڪيون، عدالت کيس ريفرنس جون ڪاپيون حوالي ڪيون، انهي موقعي تي نواز ليگ جي ترجمان آصف ڪرماڻي عدالت سان مخاطب ٿيندي چيو ته نواز شريف جي گھر واري بيمار آهي هو ڪالهه ئي موٽي عدالت ۾ پيش ٿيو. جنهن تي عدالت چيو ته اها ڳالهه اوهان جا وڪيل ڪندا.

Nawaz NAB court 01

ڪيس هلڻ شروع ٿيو ته عدالت آڏو نيب  جي پراسيڪيوٽر مظفر عباس عدالت آڏو شڪايت ڪئي ته عدالت ايندي ٽن هنڌن تي پوليس رڪاوٽون وڌيون آهن، اسان کي اڌ ڪلاڪ بيهاريو ويو،جاتي امرا ۾ اسان نوٽيس ڏيڻ وياسين ته سيڪيورٽي عملي جي سربراهه اشفاق نواز شريف جا جاري ڪيل سمن وصول ڪيا،عملي چيو ته اسان کي حڪم آهي ته حسن ۽ حسين نواز جا نوٽيس وصول نه ڪيا وڃن،جنهن تي جج چيو ته اوهان لکت ۾ اها شڪايت ڪريو،  نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث  عدالت کي نواز شريف جي ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ جي درخواست ڏني، هن چيو ته نواز شريف جي گھر واري لنڊن ۾ علاج هيٺ آهي انهي جي ڪري کيس ڪيس ۾حاضري کان آجو قرار ڏنو وڃي،جنهن تي نيب جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته نيب جي داخل ڪيل ٽن ريفرنسز جي پنجن ملزمن مان رڳو نواز شريف ملڪ ۾ موجود آهي،انهي جي ڪري کيس ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ملڻ گھرجي ٻي صورت ۾ ڪيس جي ڪارروائي تي اثر پوندو، سپريم ڪورٽ مقرر مدي اندر ڪيس اڪلائڻ جو حڪم جاري ڪري چڪي آهي.نيب جي پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته ڪلثوم نواز جي صحت واقعي به خراب آهي،پر سندس سمورا ٻار ملڪ کان ٻاهر آهن، اهي تيمارداري جي لاءِ ڪافي آهن، نواز شريف جو ٻاهر وڃڻ ضروري ناهي،ريفرنس تي ڪارروائي نه رڪجڻ گھرجي، جنهن کانپوءِ عدالت چيو ته نواز شريف کي ٻه آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، ريفرنسز ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *