Saturday , April 20 2024

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف به جوتا ڪلب ۾ شامل

لاهور(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) نون ليگ جو تاحيات قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف به جوتا ڪلب جو ميمبر بڻجي ويو آهي. اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، لاهور ۾ جامعيه نعيميه جي سالياني مفتي اعظم اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ بعد جيئن کي خطاب ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي پهتو ئي مَسَ ته اتي موجود ماڻهن مان هڪ شخص نواز شريف کي جوتو اڇلايو/هنيو، جيڪو نواز شريف کي کاٻي ڪُلهي ۾ لڳو ۽ نواز شريف انتهائي خوفزده ٿي ويو. جو تو لڳڻ بعد اتي موجود جامعيه جي انتظاميه نواز شريف کي جوتو هڻندڙ شخص پڪڙي ڪٽڪو ڏئي پنهنجي تحويل ۾ رکيو ويو، جنهن بعد حد جي پوليس کي گهرائي ان جي حوالي ڪيو ويوآهي. ميڊيا رپورٽس موجب نواز شريف تي جوتو اڇلائيندڙ/هڻندڙ شخص جو نالو منور ٻڌايو پيو وڃي، پر اڃا تائين جامعيه نعيميه سميت پوليس به ان جي نالي جي تصديق ناهي ڪئي.

هي به پڙهو

پاڪستان ۾ سياستدانن تي جوتا ڇلائڻ وارو لاڙو وڌڻ لڳو…

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *