Thursday , April 25 2024

“اگلي باري عمران خان ڪي…!؟”، هڪ لک پائونڊ عمران جو اثاثو هئا رپ ظاهر نه ڪيا ويا: سپريم ڪورٽ

Bani Gala Imran House 02

اسلام آباد (سنڌ سماءَچار نيوز)  سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي نااهلي جي حوالي سان ڪيس جي شنوائي مڪمل ڪري ورتي، جڏهن ته جهانگير ترين جي نااهليءَ جي ڪيس جي شنوائي بابت شروعات اڄ کان ٿيندي. اڱاري تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻَڌل 3 رڪني بينچ حنيف عباسي طرفان عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل انور منصور خان عدالت کي ٻُڌايو ته هو عدالت ۾ نعيم بخاري طرفان ڪجهه دستاويز جمع ڪرائڻ چاهي ٿو جيڪي کيس گذريل ڏينهن مليا آهن. چيف جسٽس حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ کي چيو ته هو جواب الجواب جي شروعات ڪري، فاضل وڪيل چيو ته عمران خان جي ٻن خطن تي ايڊريس مختلف آهي، انهن خطن لاءِ عمران خان ڪينسر اسپتال لاءِ ليٽر پيڊ استعمال ڪيا آهن. ٻنهي خطن ۾ ٽيڪس نمبر به مختلف آهن، ٻنهي خطن تي عمران خان جون صحيحون به مختلف آهن، ٻئي دستاويز اهڙا ناهن جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. بني گالا جي ايراضيءَ جي نقشي لاءِ 79 هزار پائونڊ استعمال ڪيا ويا، آخر اها رقم ڪٿان آئي. عدالت کي اهو به نه ٻُڌايو ويو ته اها رقم جمائما کان آئي آهي يا عمران خان ادا ڪئي آهي.

jahangir tareen & Imran

شنوائي دوران اڪرم شيخ پنهنجي مؤقف کان هٽي ڪري ڳالهه ڪئي ته چيف جسٽس کيس چيو ته اهو توهان جو مقصد ناهي، توهان جو ڪيس آف شور ڪمپني آهي جيڪا ظاهر ناهي ڪئي وئي. جسٽس عمر عطا بنديال اڪرم شيخ کي چيو ته جن نقطن تي توهان دليل ڏئي چڪا آهيو اهي ڪمزور آهن، اسان کان اڪائونٽنگ جو ڪم نه ڪرايو. جسٽس فيصل عرب جو چوڻ هو ته عمران خان جي حوالي سان نيازي سروسز لميٽيڊ کان علاوه ڪو ٻيو اثاثو سامهون ناهي آيو. اڪرم شيخ چيو ته نيازي سروسز لميٽيڊ ڪمپني 2015ع تائين فعال رهي، عمران خان 2013ع جي اليڪشن ۾ نيازي سروسز لميٽيڊ ڪمپني کي ظاهر ڪري به سگهيو، ڇاڪاڻ ته نيازي سروسز لميٽيڊ ڪمپني جي اڪائونٽ ۾ عمران خان جي ڪتاب ۽ ڪرڪيٽ جي آمدني به ايندي رهي ۽ عمران خان اين ايس ايل ڪمپنيءَ جي اڪائونٽ ۾ رکيل پئسن کي استعمال ڪندو رهيو هو. چيف جسٽس پُڇاڻو ڪيو ته اهڙين حالتن ۾ اسان ڇا ڪريون ها؟ ڇا اسان وٽ رڪارڊ طلب ڪرڻ جو اختيار آهي. اڪرم شيخ جواب ڏنو ته نيازي سروسز ڪمپني جي اڪائونٽ ۾ موجود هڪ لک پائونڊ جي رقم ڪنهن جي هئي جڏهن ته عمران خان اين ايس ايل جا اثاثا 2002ع ۽ 1997ع جي نامزدگي ڪاغذن ۾ نه ٻُڌايا. جسٽس فيصل عرب چيو ته پئسا ڪٿي به رکيا وڃن ڪنهن جو ڇا ٿو وڃي. ان دوران نعيم بخاري عدالت ۾ پهچي ٻُڌايو ته سندس طبيعت گذريل ڏينهن کان ناساز آهي، چيف جسٽس کيس چيو ته اڪرم شيخ سنجيده سوال اُٿاريا آهن جيڪي جواب توهان کي ڏيڻا پوندا. اڪرم شيخ دليل جاري رکندي چيو ته عمران خان جو قرض وٺڻ اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ مان ثابت نٿو ٿئي ۽ جيڪو ڪيس ثابت شده آهي مان ان تي زور وجهندس، اها ثابت آهي ته عمران خان جمائما کان قرض ورتو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اهو مڙس ۽ زال جي وچ ۾ معاملو هو، اڪرم شيخ جواب ڏنو ته معاملو پيءُ پُٽ جو هجي يا زال مڙس جو ان کي قانون جي نظر ۾ ڏسڻو پوندو. چيف جسٽس چيو ته عمران خان قرض ظاهر ناهي ڪيو پر جمائما جي نالي ايراضيءَ کي ظاهر ڪيو. اڪرم شيخ چيو ته عمران خان پهريان لکت واري جواب ۾ ڪٿي لکيو آهي ته زمين جمائما لاءِ خريد ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته ضمني جواب ۾ عمران خان چيو آهي ته زمين جمائما لاءِ خريد ڪئي.

Jahangir tareen

اڪرم شيخ چيو ته عمران خان آخري جواب ۾ نئون مؤقف پيش ڪندي چيو ته زمين سان سندس ڪو تعلق ناهي، هو چوي ٿو ته زمين براه راست جمائما خريد ڪئي، مون کي ٻُڌايو وڃي ته مان عمران خان جي ڪهڙي جواب تي ڀاڙيان. چيف جسٽس چيو ته جواب تضاد ڪٿي آهي، مڃي وٺون ته جائيداد بي نامي هئي، عمران خان جي جواب ۾ لکيل آهي ته ادائگي جمائما بئنڪ جي ذريعي اُماڻيل رقم مان ڪئي جڏهن ته ڏسڻو اهو آهي ته بي ايماني ۽ مني لانڊرنگ ٿي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عمران خان برطانيا مان رقم آڻڻ جو رڪارڊ ڏيکاري ڇڏيو آهي، جمائما 65 لک عمران خان کي پهريان تحفي طور ڏنا، 5 لک 62 هزار پائونڊ تحفي طور بعد ۾ ڏنا. اڪرم شيخ مؤقف اختيار ڪيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل گوشوارن ۾ غلط بياني ڪئي، هن پنهنجا اثاثا لڪائي بديانتي ڪئي آهي جنهن جي ڪري هو صادق ۽ امين ناهي رهيو. 30 جون 2002ع تائين عمران خان تي اڳوڻي گهر واريءَ جو قرض واجب الادا هو جيڪو نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ناهي ڪيو ويو، هاڻي فيصلي جو بار سپريم ڪورٽ جي ڪلهن تي آهي، جيڪو فيصلو ايندو اسان کي قبول هوندو. عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته هڪ لک پائونڊ اين ايس ايل جي اڪائونٽ ۾ پيل هئا ۽ انهن کي ڪڍڻ جي اجازت نه هئي، ان لاءِ اهي عمران خان جا اثاثا نه هئا. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اثاثا هئا به ته ڇا انهن اثاثن کي ظاهر نه ڪرڻ تي ان جا اثر 2002ع جي اليڪشن تي پئجي سگهن ٿا. ٻئي طرف ڇا ماضي جي غلط بياني تي ڪنهن کي نااهل ڪري سگهجي ٿو، ان جي جواب ۾ اڪرم شيخ سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته سرڪاري عهديدار کي ماضي جي غلط بياني تي به نااهل ڪري سگهجي ٿو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته زال مڙس وچ ۾ ڏيتي ليتي کي قرض نٿو چئي سگهجي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ پُٽ کان واجب الادا پگهار کي اثاثو قرار ڏيندي اهو ظاهر نه ڪرڻ تي وزيراعظم کي نااهل ڪيو، جنهن تي فاضل جج چيو ته اهو پيءُ ۽ پُٽ جو نه پر هڪ ڪمپني ۽ ان جي چيف ايگزيڪيوٽو جي پگهار جو معاملو هو، اڳوڻي وزيراعظم جي نااهلي جي فيصلي ۾ 5 ججن ڌار ڌار راءِ ڏني آهي ۽ ان سلسلي ۾ بينچ جي سربراهه جسٽس کوسا جي راءِ کي به ڏسڻو پوندو، معاملو پگهار جو ناهي اثاثن جو هو.

Bani Gala Imran House 01

اڪرم شيخ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ائين آهي ته عدالت قرار ڏئي ته زال مڙس جا معاملا ظاهر ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته تحفي ۽ قرض ۾ فرق آهي، قرض هر قانون تحت قرض هوندو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال پُڇاڻو ڪيو ته عمران خان جمائما کي جيڪا رقم ادا ڪئي اها قرض هو يا تحفو. اڪرم شيخ جواب ڏنو ته عمران خان پاڻ چوي ٿو ته اهو قرض هو. چيف جسٽس چيو ته نعيم بخاري به چئي چڪو آهي ته جمائما کان ورتل رقم قرض هئي. اڪرم شيخ چيو ته عمران خان کي قرض ظاهر ڪرڻ گهرجي ها. چيف جسٽس چيو ته بي نامي ملڪيت جيستائين چئلينج نه ٿيندي جنهن جي نالي هوندي اهو مالڪ رهندو آهي.

Jamaima khanjahangir tareen & ImranJahangir tareen

چيف جسٽس چيو ته زال کان قرض وٺڻ ۽ واپس ڪرڻ ۾ ڪا بدنيتي ظاهر نه ٿي ٿئي. اڪرم شيخ چيو ته عمران خان پنهنجي مؤقف تي قائم نٿو رهي ۽ بار بار مؤقف تبديل ڪري ٿو. چيف جسٽس چيو ته ڇا 2013ع جي اليڪشن ۾ عمران خان غلط بياني ڪئي آهي؟ اڪرم شيخ چيو ته عدالت کي فيصلو ڪرڻو آهي پوري قوم جون نظرون عدالت ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته عمران خان ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو. چيف جسٽس کيس چيو ته اسان نوٽ ڪيو آهي ته هڪ لک پائونڊ ظاهر ناهن ڪيا ويا ۽ هڪ لک پائونڊ عمران خان جا اثاثا هئا. اڪرم شيخ چيو ته عمران خان گرينڊ حيات هوٽل جي فليٽ کي به ظاهر ناهي ڪيو اها بدديانتي آهي، نه ورتل پگهار ظاهر نه ڪرڻ ڪهڙي بدديانتي هئي، جڏهن ته عمران خان به تسليم ڪيو آهي ته فليٽ هن ظاهر نه ڪيو هو. عدالت جي گهرڻ تي نيازي سروسز ڪمپني جو مڪمل رڪارڊ پيش ناهي ڪيو ويو. هاڻي عدالت جيڪو فيصلو ڪندي اسان کي قبول هوندو جڏهن ته عدالت فيصلو محفوظ ڪري به انڪوائري ڪري سگهي ٿي. عمران خان جي حوالي سان ڪيس جي شنوائي مڪمل ٿيڻ تي عدالت قرار ڏنو ته جهانگير ترين جي نااهليءَ بابت ڪيس جي شنوائي جي شروعات اربع کان شروع ٿيندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *