Tuesday , March 19 2024

اڪري: سائيڪل تي دنيا جو سفر ڪندڙ چيني ڇوڪري فيض گنج پهتي، کيس سنڌين جي محبت موهي وڌو

sadakt
 فيض گنج ۾ سائيڪل تي دنيا جو سفر ڪندڙ چائينيز ڇوڪري پهتي، سنڌ جي سرزمين سهڻي ۽ سنڌي پيارا ماڻهون آهن، توسيا جي ميڊيا سان ڳالهه ٻول خبر موجب سائيڪل تي دنيا گهمڻ نڪتل چائنا جي شهر ينتائي واسيڻ نوجوان ڇوڪري توسيا پنهنجي سفر دوران اڪري چودڳي پهچي روڊ ڪناري قائم خانگي هوٽل ۾ ريفريشمينٽ ڪئي، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته کيس سائيڪل ذريعي دنيا گهمڻ جو شوق آهي، جنهن سان صحت مند تفريح سان گڏ مختلف ملڪن جي ماڻهن جي ثقافت توڙي سندن رهڻي ڪهڻي بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي آهي، هن ٻڌايو ته هوءَ چين کان جهاز ذريعي انڊيا پهتي جتان ڪلڪتي شهر کان پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي آهي، جڏهن ته هاڻي ڪراچي پهچڻ بعد کيس جو يورپي ملڪن ڏانهن وڃڻ جو ارادو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سرزمين سهڻي ۽ هتان جا ماڻهون محبتي آهن، سنڌ ۾ مختلف جڳهن تي کيس مان ڏنو ويو ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا آهن جيڪي زندگي ڀر ياد رهندا، ان موقعي تي سياح ڇوڪري سان گڏ سيڪيورٽي لاءِ خيرپور پوليس جي موبائيل پڻ گڏ هئي، اهلڪارن جو چوڻ هو ته ڪوٽ لالو وٽ کيس کي نوابشاهه پوليس جي سڪيورٽي حوالي ڪيو ويندو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *