Friday , March 29 2024

اپڻا مال هي، روسُون ڀي، کائنسُون ڀي : آصف ڪنڀر

بِلوُ دادا: ويري گُڊ حامي صاحب، ڇا تون واقعي ايڏو مشهور فنڪار آهين جو هي شيڪسپيئر ايوراڊ توکي ڏنو پيو وڃي؟

حامي صاحب: سر معاف ڪجو مان فنڪار نه پر ليکڪ آهيان ۽ اوهان جي مهرباني جو توهانجي عقابي نظر مون ناچيز جي وجود تي اچي اٽڪي ۽ هي شڪيپيئر نه پر لطيف ايوارڊ آهي!!!

بِلو دادا: واٽ اِيور، پر تنهنجي بيهڻ جو اسٽائل اسان کي وڻيو،ڪيترا ڏينهن ريهرسل ڪئي؟ جيڪر اسڪول اسيمبلي ۾ ائين فرمانبرداري سان بيهين ها ته اڄ وڏو بيوروڪريٽ نه هجين ها۔۔؟!!!

مواد شاهه: سائين بيوروڪريٽن جي اسان وٽ کوٽ ناهي، حامي صاحب ايوارڊ صدا وٺ پر ائين نه پوء اڳتي هلي ٻروچڪي ڪري ويهي رهين۔

بِلوُدادا: صوبيدار شاهه کي به ڏس ڪيئن پويان هٿ ٻڌي بيٺو آهي ڄڻ شعلي فلم وارو ٺاڪر۔۔!!!

مواد شاهه: صوبيدار شاهه صاحب جيڪر توهان ثقافت جا وزير نه هجو ها ته ڇا هجو ها؟

بِلوُدادا: پرسنلٽي مان لڳي ٿو پبلڪ پارڪس ۾ ويٽ مشين رکي 10 روپين عيوض ماڻهن جو وزن ماپي ها!!!

صوبيدار شاهه: هين هين هين۔۔۔۔ جيِ، جِي،جِي، من رقصم۔۔!!!

مواد شاهه: شاهه صاحب هميشه ائين هٿ پويان ٻڌي بيهڻ وارو رواج اوهان جي شخصيت جي سسٽم ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن داخل ٿيو؟

صوبيدار شاهه: هين، هين، هين۔۔۔۔۔۔ سائين مان ننڍي هوندي دادو ويو هوم، ان ڏينهن کان ئي هٿ ائين ٻڌڻ جي عادت وجهي ڇڏيم۔

بِلو دادا: اهو سڀ ته ٺيڪ آهي پر سنڌ جي چاپلوسي ۾ چار بيت چوڻ کان ويندي ثقافت جي وزارتي اسٽيج تي راڦون ٽيڙهڻ تائين جي سفر جي اسڪيم ڪيئن ۽ ڪڏهن ٺهي؟

صوبيدار شاهه: هين هين۔۔۔۔ سر بس انڌو هاٿي لشڪر جو زيان، وڌيڪ ڇڏيو ان ڳالهه کي ڏسو نه حامي ڪيئن بيٺو آهي ڄڻ سپريم ڪورٽ جي گيٽ تي ٽنگيل سائمي۔۔!!!

بِلو دادا: او يس يس۔۔۔ مسٽر سائمي، آءِ ميِن مسٽر حامي۔۔!!!ٻيون ڪي تجويزون ڏيو ڀلا!!!

حامي صاحب: سائين تجويزون هتي ڏيان يا سڀاڻي اخبار ۾ لکان؟ جيئن حڪم، جهڙوڪ موئن جو دوڙ جو نالو مٽائي پي پي جو دڙو رکون؟ يا وري ڀٽ شاهه جو نالو بلال شاهه۔۔۔۔۔

بِلو دادا: سو نائيس آف يو مسٽر حامي!! صوبيدار صاحب باءِ دي وي، هن وقت اسان ٽنهي کي اردو ڳالهيندي توهان کي بطور وزيرِ ثقافت ڪيئن محسوس پيو ٿئي؟؟

صوبيدار شاهه:سائين بس دودو ڌُوڙ، چنيسر ڇائي ته توهان به ٻڌو هوندو۔!!

بِلوُدادا: حامي صاحب ٿورو ڪنڌ ته مٿي ڪيو۔

حامي صاحب: نه سائين هاڻي شرمسار ته نه ڪيو نه!!! ڪنڌ مٿي کڻي ڪهڙو مونهن ڏيکاريان۔

مواد شاهه: حامي صاحب اسان جي ڪارڪردگين خلاف دانهڻ جي لاڳاتار جدوجهد کانپوءِ اسان کان ئي ايوارڊ وٺي ڇا محسوس ڪري رهيا آهيو؟

حامي صاحب: سائين مان پاڻ کي بي ضمير گهمرو محسوس ڪري رهيو آهيان.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *