Friday , April 19 2024

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ جي اباڻي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، شهري سراپا احتجاج

سکر( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ)  اڳوڻي وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، پ پ سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ سندس پٽ ميئر سکر ارسلان شيخ جي شهر جا رهواسي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم بڻيل آهن، شهرين پاڻي جي کوٽ خلاف شهري رستن تي نڪري پيا. سکر ۾ پيئڻ لاءِ گندو پاڻي فراهم ڪرڻ خلاف سوين شهري روڊن تي نڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي. يوسي چيئرمين وزير علي مهر جي اڳواڻي ۾ ۽ سوين شهرين جي اڳواڻي ۾ پيئڻ جو گندو پاڻي فراهم ڪرڻ خلاف هٿن ۾ دلا ۽ مٽ کڻي شمس آباد کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ سندس پٽ ميئر سکر ارسلان شيخ

احتجاج ڪندڙ سکر واسين جو چوڻ هو ته، سکر پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خورشيد شاهه، سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ سکر جو ميئر ارسلان شيخ به پيپلز پارٽي جو آهي، ان باوجود به شهرين کي پيئن جو صاف پاڻي مهيا نه پيو ڪيو وڇي ۽ نه ئي وري گندي پاڻي جو نيڪال ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته شهرين کي گندو پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب پيٽ ۽ چمڙي جي بيمارين منهن ڪڍيو آهي. گندي پاڻي جي وپرائڻ سبب شهرين ۾ هيپاٽائيٽس، پيٽ جي سور ۽ ٻين مرضن جي بيمارين منهن ڪڍيو آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهر ۾ واٽر سپلاءِ جي ميگا منصوبي جو ڪم بند هئڻ سبب نساسڪ عملدار شهرين کي گندو پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن.هنن مطالبو ڪندي چيو ته واٽر سپلاءِ جي ميگا منصوبي تي ڪم شروع ڪري اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *