Friday , March 29 2024

اُمِ رباب جي مسلسل جدوجهد رنگ لاتو، سردار چانڊيو ۽ برهان چنڊيو جي ضمانت رد

   برهان چانڊيو                                                           سردار چانڊيو

سکر(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ميهڙ وساڻ اُمِ رباب چانڊيو جي مسلسل جدوجهد ۽ قانوني جنگ نيٺ رنگ لاتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جي ڪيس ۾ اڳوڻي ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جا نالا قتل ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندن ضمانتون رد ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ بئنچ ۾ ڪرم الله چانڊيو پوٽي ام رباب چانڊيو پاران داخل ڪيل آئيني عرضي تي شنوائي ڪئي. سنڌ هاءِ ڪوڳرٽ جي بئنچ آئيني عرضي جي شنوائيد دوران دليل ٻڌڻ بعد قتل ڪيس جي ايف آءِ آر مان سردار چڇانڊيو ۽ برهان چانڊيو جا نالا خارج ڪرڻ خلاف درخواست منظور ڪري ورتي. هاءِ ڪورٽ ام رباب چانڊيو جي درخواست منظور ڪندي پي ايس 16 تي پ پ اميدوار سردار چانڊيو ۽ پي ايس 17 ري نامزد پ پ اميدوار برهان چانڊيو جا نالا ٻيهر ايف آءِ آر ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.  سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل پوليس اختيارين کي حڪم جاري ڪيو ته سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو جا نالا قتل ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ جوابدار طور تي شامل ڪيا وڃن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر برهان چانڊيو ۽ سردار چانڊيو جي ضمانت رد ڪندي ٻنهي ڄڻن کي فوري طور تي گرفتار ڪري دهشتگردي جي خاتمي واري لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به حۡم جاري ڪيو آهي. يااد هجي ته، ٽن ڄڻ  جي قتل ڪيس جي ايف آءِ مان حيدر آباد جي ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي بيڏوهي قرار ڏيندي سندن نالا ايف آءِ آر مان خارج ڪري ڇڏيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *