Thursday , March 28 2024

اي سي ايل ۾ شامل عمران خان جو ويجهو دوست ذلفي بخاري وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت وزيراعظم عمران خان جي ويجهي دوست ذلفي بخاري کي عمران خان جو سمنڊ پار پاڪستانين بابت خصوصي صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، مملڪتي وزير مراد سعيد جو قلمدان تبديل ڪري کيس مواصلات وارو مملڪتي وزير بڻايو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي ويجهي دوست سيد ذوالفقار عباس بخاري کي وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار مقرر  ڪيو ويوآهي. وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ ذلفي بخاري کي صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، زلفي بخاري سمنڊ پار ۽ هيومن ريسورس ڊولپمنٽ جي معاملن کي ڏسندو، سندس عهدو مملڪتي وزير جي برابر هوندو.  واضح رهي ته عام چونڊن دوران زلفي بخاري عمران خان جي چونڊ مهم ڀرپور طريقي سان هلائي هئي.ٻئي پاسي وفاقي سرڪار مملڪتي وزير مراد سعيد جو قلمدان تبديل ڪري کيس مواصلات وارو قلمدان ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي سيفران وارو مملڪتي وزير بڻايو هو پر مراد سعيد پنهنجي وزارت جون ذميواريون نه سنڀاليون هيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *