Thursday , April 25 2024

ايڊيشنل سيشن جج گل ضمير سولنگي جي استعيفيٰ ڳجهارت بڻجي وئي

ايڊيشنل سيشن جج لاڙڪاڻو ضمير گل سولنگي

ڪراچي / لاڙڪاڻو ( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گل ضمير سولنگي پاران عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ وارو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو آهي، استعيفيٰ بابت پهريان آيل خبرن موجب ايڊيشنل سيشن جج پنهنجي استعيفيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اختيارين پاران تصديق نه ٿيڻ بعد اهي خبرون آيون ته جج استعيفيٰ سيشن جج وٽ جمع ڪرائي آهي جيڪا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ڏانهن اماڻي وئي آهي ۽ سندس اهڙي استعيفيٰ جو عڪس به سوشل ميڊيا سميت ميڊيا تي هلندي رهي آهي. ميڊيا تي پهرين هلندڙ استعيفيٰ موڪليل استعيفيٰ ۾ جج  گل ضمير چيو آهي ته چيف جسٽس جي روئيي سان ساک متاثر ٿي، جج طور وڌيڪ ڪم جاري نٿو رکي سگهان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار جو چوڻ آهي ته کين ڪا به استعيفيٰ نه ملي آهي. لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گل ضمير سولنگي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. جج گل ضمير سولنگي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس ڏانهن موڪليل استعيفيٰ ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس جي روئيي سان سندس ساک متاثر ٿي آهي. هن چيو ته چيف جسٽس لاڙڪاڻي جي دوري دوران کيس موبائيل فون اڇلائي ڏني، جنهن سان سندس تذليل ٿي ۽ اهڙي معاملي کانپوءِ هو وڌيڪ ذميواريون نڀائي نٿو سگهي.

ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار چيو آهي ته کين ڪنهن به جج جي ڪا به استعيفيٰ نه ملي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اهڙي بيان بعد جج ضمير گل جي استعيفيٰ وارو مامرو ڳجهارت بڻجي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن کان سنڌ سماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، سيشن جج لاڙڪاڻو ضمير گل کي ٻه ڀيرا پاڻ وٽ سڏڏائي استعيفيٰ واپس وٺڻ جو چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *