Friday , March 29 2024

ايڊيشنل سيشن جج جي والد ۽ ٻن سئوٽن جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

فائيل فوٽو

خيرپور/سجاول/نوابشاهه (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيرپور ۾ مختلف وقتن تي قتل ٿي ويل ٻن وڪيلن ۽ سندن چاچي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، ماڻهن کي انصاف ڏيندڙ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو پاڻ ئي انصاف جي اوسيئڙي ۾، غلام علي ڪناسرو جي والد ۽ ٻن وڪيل سئوٽن تي حملي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته، متاثرن سان انصاف ڪيو وڃي.

 ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي والد ۽ سندس ٻن سئوٽن جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مختلف ضلعن جي ضلعي بار ايسوسيئشنز جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهر به ڪيا ويا. نوابشاهه ۾ شهيد بينظيرآباد بار ائسوسيئشن جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو. سجاول ۾ ڊسٽرڪٽ بار پاران وڪيلن لياقت علي، قادر بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪارووائين جو بائڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميهڙ ۾ عدالتن جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ۽ وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو، جڏهن ته عدالتن جي ملازمن سول سوسائٽي، آبادگارن، وڪيلن پاران قربان جهتيال، طالب چانڊيو، جميل سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايوان صحافت آڏو ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪياويا. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته، ٻين کي انصاف ڏيندڙ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو پاڻ بيوس بڻجي انصاف جو ملڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته غلام علي ڪناسرو جي والد ۽ ٻن سئوٽن بيگناهه سري عام قتل ڪيو ويو. مختلف وقتن ۽ ڌار ڌار  هنڌن تي بااثر جوابدارن پاران قتل ڪيل ٽن ڄڻن جا قتل ڪيس به داخل ٿيل آهن پر، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. هنن آرمي چيف، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثقب نثار، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز سنڌ کي اپيل ڪئي ته، ايڊيشنل سيشن جج منظور ڪناسرو کي انصاف ڏياريو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *